22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

فرزانا جمالي آخر ڪيستائين دانهيندي؟!

حميده گهانگهرو

هن ملڪ جو طبقاتي نظام تمام گهڻو طاقتور آهي، ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا آهن ۽ ڪمزور وڌيڪ ڪمزور آهي، جڏهن ته شريعت ۽ قانون ٻنهي ۾ ان عمل کي تمام گهڻو ننديو ويو آهي ته ظلم سهڻ وارو به ايترو ظالم آهي جيترو ظلم ڪرڻ وارو، توڻي جو کڻي ظلم سهڻ واري آواز بلند ڪرڻ سان گهڻو ڪجهه سٺو آهي، پر تاريخ گواهه آهي ته ظالم جي لٺ جا ٻئي مٿا ڳاٽو ٽوڙي ٽٽندا آهن ته شهيد مخدوم بلاول، شهيد صوفي شاهه عنايت ، شهيد مائي بختاور پيدا ٿي پوندا آهن، تاريخ انهن کي پنهنجي ورقن ۾ ايئن سجائي رکندي آهي جيئن ڪير مٿي تي تاج پائي پنهنجي سورهيائي جي سڃاڻپ ڪرائيندو آهي، هيرن جهڙن لفظن سان لکيل اهي ڪردار ڪوهه نور کان به وڌ هوندا آهن.

انسان هر دور ۾ ڀوڳيو آهي، ارغون ترخان هجن يا ڌرتيءَ تي ڪي به ڪاهون هجن هن امن پسند صوفين جي ڌرتيءَ گهٽ ۾ گهٽ نياڻين جي لوئيءَ جي لڄ جو ڀرم ختم نه ٿيڻ ڏنو آهي. پر جڏهن کان ماڻهن جي ذاتي مفادن ڪاريهر وانگر ڪر کڻي ڏنگڻ شروع ڪيو آهي ته تقدس جي رشتن ۾ روڄ راڙو، آهون سسڪيون هر طرف کان ٻڌجڻ ۾ اچن ٿيون، آلي اک اڃا سڪي ئي نٿي ته مٿان وري ڪنهن امڙ جون اوڇنگارون ٻڌڻ ۾ اچن ٿيون.

معصوم ابهم ننڍڙين نياڻين جي لڄالٽ کان پوءِ ڏنڀ ۽ اذيتون ڏئي کين ماريو ويو، هنن پتڪڙن هٿن پيرن، وارين ابهم نياڻين جو ته وحشين کي ڏسندي ئي اڌ ساهه نڪري ويو هوندو پر سنڌ جي انهن نياڻين جن وٽ سوچ سمجهه شعور سان گڏ همت حوصلو آهي، تن وٽ ظلم خلاف آواز بلند ڪرڻ جي سگهه آهي ته ڏسڻ اهو گهرجي ته ان جي حوصلا افزائي ۽ قانوني پاسداري ڪيتري ٿي سگهي ٿي.

تازو نواب شاهه بينظير ڀٽو يونيورسٽي جي شاگردياڻي فرزانا جمالي همت ڪري گندي سوچ جي هڪ ڪڌي ڪرتوت کي وائکو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، ڇاڪاڻ جو هوءَ ڪنهن پرچون جي دڪان تان شيءِ وٺڻ نه وئي آهي، هوءَ گليءَ ۾ ٻارن سان راند نٿي ڪري بلڪه علم ۽ شعور جي وڏي ۾ وڏي اداري يونيورسٽي جي شاگردياڻي آهي علم جي وڏي ۾ وڏي ڊگري ڏئي چيو ويندو آهي ته هاڻي هيءَ ماسٽر آهي يعني هاڻي هي ڏاها ٿي ويا آهن ، ان اداري جي شاگردياڻي پنهنجي لوئي جي لڄ کي بچائيندي آواز بلند ڪري ٿي ته سماج جا واڳون انهيءَ سڄي واقعي کي لئه مٽي ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. ڇا ڪا به نياڻي پنهنجي تقدس جي رشتي کي ايئن پائمال ڪرڻ ڪا چڱي روايت سمجهي ٿي، حقيقت اها آهي ته انهيءَ سڄي معاملي کي دٻائڻ لاءِ هنن کي ذهني اذيتون ڏنيون ٿيون وڃن.

خاص طور انهيءَ پيءُ جي مٿان ڪيترا پهاڙ ڪريل هوندا جڏهن هو پنهنجي نياڻيءَ لاءِ سوچيندو هوندو ويتر انهيءَ جو اهو ڏوهه چئبو ته نياڻي کي منع ڇو نه ڪيو اهڙي پريس ڪانفرس ڪرڻ جي ۽ وٺي وڃي ٿاڻي ۾ بند ڪيو ويو آهي.

سنڌ ۾  پ پ جي حڪومت آهي، يونيورسٽي جو نالو بينظير ڀٽو يونيورسٽي آهي، بلاول ڀٽو جو ڏاڏاڻو شهر يعني سندس اباڻي سڃاڻپ نواب شاهه ۾ هڪ نياڻي سان اهڙي قسم جي ويساهه گهاتي ٿي رهي آهي، اتي اکيون ٻوٽڻ معني ته نه صرف روشن خيال سياسي نظريي جو موت اچڻ بلڪه سنڌي معاشري جي نياڻين جي تقدس جو پائمال ٿيڻ آهي. ڪنهن به ڏوهاريءَ کي پڪڙڻ لاءِ ته پوليس انهن جي مائٽن کي پڪڙي دراصل انهيءَ ڏوهاري کي هراسان ڪرڻ چاهيندي آهي ۽ اهو هڪ طريقو به هوندو آهي ته ڏوهاري پوءِ سامهون ايندو. حالانڪه اهو طريقو غلط آهي، گهر جو هڪ فرد بگڙجي ٿو ته سڄو گهر نٿو بگڙجي، بلڪه سڄو گهر ڀوڳي ٿو، هن لاءِ سندس عزت ئي واحد سهارو آهي پر اڪثر ڪري گهر ڀاتين کي وٺي وڃڻ ڪهڙي قانون جي پاسداري ڪرڻ آهي.

اڄ فرزانا جمالي جي والد کي پڪڙي ڇا ٿو ثابت ڪري سگهجي ته شعور، سوچ، فڪر کي ختم ڪيو ويندو ته جيئن آئينده ڪا به نياني پاڻ سان ٿيل ڏاڍ خلاف آواز بلند نه ڪري سگهي. هوءَ گونگي، ٻوڙي ٿي پنهنجو پاڻ کي تماشو بڻائي خاموش رهي. پر جس لهي فرزانا جيڪا سنڌ جي نياڻي آهي سنڌ جو هر غيرتمند هن جو ڀاءُ آهي هر باضمير قلم ڪار هن جو ڪيس کڻندو ۽ ٻڌائيندو ته فرزانا بي قصور آهي.

جيڪڏهن ڪا نياڻي پسند جو اظهار ڪري ٿي ته ان کي ڪاري ڪري ماريو وڃي ٿو ۽ جيڪڏهن ڪا نياڻي ڪاري ٿيڻ کان پاڻ کي بچائي ٿي ته ان کي ڪوڙو ڪري دٻايو ۽ هيسايو وڃي ٿو، ڪاڏي ويا اهي تقدس، ڪاڏي ويا اهي نياڻين جي ميڙ تي خون معاف ڪرائڻ وارا، ڇا صرف نياڻين کي خونن بدلي جان بچائڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي، هن جو ڏوهه اهو آهي ته هوءَ باشعور آهي، هن علم ۽ قلم جي طاقت تي پنهنجي پاڻ کي مضبوط ڪيو آهي، هوءَ ڪلهي ۾ کنيل ڪتابن جي ٿيلهي تي فخر ڪري رهي آهي، هوءَ ضمير فروش جي خواهش کي ڪامياب ڪرڻ نٿي ڏئي. ڇاڪاڻ جو هن اک کلندي علم جي وسيع سمنڊ کي ڏٺو آهي، هن جهالت جي انڌيري ۾ پاڻ کي نه رکيو آهي، هيءَ هڪ پرائمري استاد جي ڌيءُ آهي. پرائمري جو استاد معنيٰ علم جو بنياد، هن جو بنياد علم، سچ ۽ سکيا تي ٻڌل آهي، هن ڪڏهن به اهڙي سکيا ناهي ورتي جيڪا انسان کي اپاهج، لاچار ۽ بي وس ڪري ڇڏي. اڄ هڪ استاد جيل جي شيخن پويان ناهي پر علم، سچائي همٿ کي قيد ڪيو ويو آهي، حڪومت جيڪا نياڻين جي تحفظ جي دعويٰ ڪري ٿي پاڪستان جي تبديلي جي ڳالهه ٿئي ٿي ڇا جمهوريت جا قدر اهي آهن ته انسانن جون سچ ڳالهائڻ تي زبانون بند ڪيون وڃن.

فرزانا جمالي فخر سان چوي ٿي ته

سچ وڏو ڏوهاري آهي، زنجيرن ۾ جڪڙيو ويو آ، روز ازل کان پڪڙيو ويو آ،

۽ ڪڏهن به مايوس ٿيڻ جو نانءُ نٿي کڻي، هو مٿي تي رئو ايئن ويڙهي هلي ٿي ڄڻ ڪفن سر سان ٻڌل هجيس پر پوءِ به هوءَ اپيل ڪري ٿي ته ساڻس انصاف ٿيڻ گهرجي، مان سڄو قصو پڙهندي پڙهندي 1975-12-19 جي تاريخ ذهن ۾ دهرايان ٿي جڏهن هڪ شاگردياڻيءَ جي حيثيت ۾ ڪاليج قائم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو هو، اهو دور به خيرن سان جمهوريت جو دور هو، بلڪه پوري دنيا ۾ سال 1975ع کي عورتن جو عالمي سال قرار ڏنو ويو هو. ڪاليج جي مطالبي تي شاگردن جن ۾ منهنجي ڀيڻ، مون کي ۽ اسڪول جي ٻين شاگردن کي گرفتار ڪيو ويو هو ڇو ته هڪ اسڪول جا شاگرد تعليمي اداري جي ترقي جي ڳالهه ڪري رهيا هئا ان اداري ۾ پڙهندڙ نياڻين کي ته گرفتار ڪيو ويو پر منهنجي والد محمد هاشم گهانگهرو کي محض انهيءَ ڪري گرفتار ڪيو ويو ته توهان پنهنجي ڌيئرن کي احتجاج ڪرڻ کان منع ڪيو ها ايئن اسان جي گرفتاريءَ سان گڏ بابا به گرفتار ٿيو ۽ ٽي مهينا نواب شاهه جيل ۾ رهيو، سو ڳالهه اها آهي ته هن 43 سالن جي عرصي ۾ دنيا ايترو سڌري وئي آهي جو سائنس جي ترقي آسمان کي ڇهي ٿي پر سنڌ ۾ اڄ به اهو چئي هيسايو دٻايو وڃي ٿو ته پنهنجي نياڻين کي منع ڪيو، اڄ جيڪڏهن پاڪستان خاص طور سنڌ جي اسيمبلي ۾ عورتون پهتيون آهن ته پنهنجي همٿ حوصلي سان هنن پاڻ مڃرايو آهي، سمجهڻ گهرجي ته اهي عورتون صرف عورت جي ڪمي جي خانا پوري ڪرڻ لاءِ اڳتي ناهن وڌيون ۽ پنن ۾ پاس ڪرايل بلن تي تاڙيون وڄرائي خاموش ناهن بلڪه اڄ جي مجموعي عورت جو آواز آهن عورت سان ٿيندڙ ڏاڍ ظلم جي خلاف آواز آهن، انهيءَ ڪري جڏهن اڄ به فرزانا جمالي دانهيندي رهندي، نياڻيون پنهنجي وڃايل پيئرن ڀائرن، پٽن، ورن لاءِ صرف واڪا ڪنديون رهنديون ته پوءِ جمهوريت، قانون ۽ آئين کي پنهنجو پاڻ مڃرائڻ لاءِ وقت ڪڏهن ايندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڊيم جا متبادل

سنڌيڪار: انجنئير موهن ٺاڪر "پيٽرڪ مکولي، جيڪو برطانيا جي  بين الاقوامي درياهن جي هڪ نيٽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے