25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

پي ٽي آءِ کي قدم سنڀالي کڻڻ گهرجن…؟

ايم ضيا الدين

تحريڪ انصاف جي اڳواڻ عمران خان جي قيادت ۾ تحريڪ انصاف جي حڪومت قائم ٿي چڪي آهي جيڪا ملڪ ۾ تبديليءَ لاءِ ڪيئي دعوائون ڪري رهي آهي پر اها هڪ حقيقت آهي ته سماجن ۾ تبديليون رات وچ ۾ نه اينديون آهن، سماج ۾ تبديلن لاءِ وقت گهرجي ۽ سماج ۾ تبديليون مرحلي وار اينديون رهنديون آهن. ملڪ ۾ تبديلين اچڻ جي سلسلي ۾ ڪو ٽائم فريم ڏيڻ حڪومت جو ڪم آهي، جيڪو حڪومت جي اوليت تي ٻڌل هوندو آهي.

اسان کي عمران تي چڙهائي نه ڪرڻ گهرجي ۽ نه ئي کيس به ان طرف لوهه ڏيڻ گهرجي جتي فرشتا به خوفائتا ٿي قدم کڻن ٿا. اهو ڪنهن به سياسي پارٽيءَ لاءِ ممڪن نه آهي ته اها  ٻاويهه سالن تائين مخالف ڌر ۾ رهي جدوجهد ڪندڙ هُجي ۽ حڪومت ۾ اچي حڪومت جي پنجن سالن جي عرصي ۾ سمورن معاملن کي سمجهي وٺي.

ذوالفقار علي ڀٽو، سياسي حوالي سان سموررن اقتداري رستن، گهٽين ۽ ماڻهن کان واقف هيو تنهن ڪري هو 1971ع ۾ جيئن سويلين چيف مارشل لا ايڊ منسٽريٽر ٿيو ته هُن فوري طور تي پنهنجي سڌارن واري پروگرام کي متعارف ڪرايو ۽ صدراتي عهدي تائين پهچندي انهن مان ڪيترن ئي سڌارن کي نافذ پڻ ڪرائي ڇڏيو.

عمران خان حڪومت ۾ اچي سمورن شعبن ۾ اصلاحات جو اعلان ڪيو آهي، پر کيس ڪنهن به شعبي منجهه اصلاحات کي فراموش ڪرڻ نه گهرجي، ۽ اصلاحات جو عمل ڀلي آهستي آهستي ٿيڻ گهرجي، ان جو مقصد اهو به نه سمجهڻ گهرجي ته ڪو عمران تڪڙا ۽ سخت اپاءَ نه ٿو کڻي سگهي يا تڪڙا فيصلا نه ٿو ڪري سگهي. ڪنهن درست ڪم ڪرڻ لاءِ ڪنهن مناسب ۽ درست ماڻهوءَ جي ڳولا ڪرڻ به وقت طلب مسئلو آهي.

سو ڏسڻو هيءُ آهي ته عمران خان هميشه ڪرپشن خلاف سخت موقف رکندو رهيو آهي هاڻي حڪومت ۾ اچڻ بعد ڇا ٿو ڪري سگهي؟. عمران خان اقتدار ۾ اچڻ بعد ڪرپشن خلاف قدم کڻڻ لاءِ جن ملڪن جو مثال ڏيندو رهيو آهي انهن ملڪن ۾ ڪرپشن خلاف ڪارروايون فوري طور تي ٿينديون رهيون آهن پر هت عمران خان جي حڪومت ۾ اچڻ ۽ سندس دعوائن جي ابتڙ ڪرپشن ۾ ملوث اڃان تائين هڪڙو به ماڻهو گرفتار ٿي نه سگهيو آهي، جڏهن ته ڪيترائي ماڻهو ڪرپشن ۾ ملوث آهن ۽ انهن تي ڪورٽن ۾ ڪيس پڻ هلندڙ آهن.

اسان جهڙن ملڪن ۾ جتي ڏوهارين کي گرفتار ڪري کين ڪيترن ئي ڏينهن تائين نظر بند رکيو ويندو آهي ۽ انهيءَ وچ ۾ عذر اهو پيش ڪيو ويندو آهي ته سندس خلاف شاهديون ۽ ثبوت گڏ ڪيا پيا وڃن. انهيءَ دوران وري ميڊيا ملزم جي خلاف مهم هلائيندي آهي جنهن بعد معاشري ۾ اهو تاثر ڀرپور نموني جڙي ويندو آهي ته عدالتي ڪارروائيءَ کان اڳ ئي ملزم کي ڏوهاري قرار ڏنو ويو آهي.

1990ع ۾  جي ڏهاڪي ۾ پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ ( ن ) جي حڪومتن جهڙوڪر اهو طئي ڪري ڇڏيو هو ته هو هڪ ٻئي خلاف ڪرپشن جي ڪنهن به ڪيس کي نه کڻندا ۽ نه انهن کي عدالتن تائين پهچائيندا. جيڪڏهن پي ٽي آءِ جي حڪومت به اهڙي روش اختيار ڪئي ته کيس به ڪو چوڻ وارو نه هوندو، پر ان جو نتيجو اهو نڪرندو ته پي ٽي آءِ ان ڪرپشن ۾ وڌيڪ اضافو ڪندي جنهن جي ڪري سڄي ملڪ جو ساهه منجهي رهيو آهي.

دنيا جي سڌريل معاشرن ۾ ڪرپشن کي نه فقط قانون ذريعي ختم ڪيو ويندو آهي پر ان سان گڏ ڪرپشن کي ڪيترن سماجي ۽ معاشرتي قدرن ذريعي به ضابطو آندو ويندو آهي. دنيا جي سڌريل ملڪن ۾ هڪ مضبوط پارليامينٽ، هڪ خودمختيار عدليه ۽ بي خوف ميڊيا پڻ ڪرپشن جي خاتمي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪندا آهن. معاشري ۾ سچ تي پابندي ۽ ان کي لڪائڻ ۽ عوامي احتساب لاءِ انتهائي اهم ۽ نازڪ سوال ڪرڻ سان بذات خود رياست کي نقصان پهچي رهيو آهي.

اختيارين کي گهرجي ته ميڊيا تي اهڙن معاملن کي ڪور ڪرڻ خلاف پابنديون نه وجهي جيڪي معاملا ميڊيا کي ڪور ڪري عوام تائين پهچائڻ گهرجن، اختياريون ميڊيا تي پابنديون مڙهي کيس جدت پسند تحقيقي صحافت کان روڪي رهيون آهن. ميڊيا تي اها تهمت مڙهي پئي وڃي ته ميڊيا اظهار جي آزادي جي نالي تي سرڪار جا سرڪاري ڳجهه عام ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي جنهن سبب رياست جي تحفظ کي سخت نقصان پهچي سگهي ٿو.

“ دهشت خلاف جنگ” هڪ نئين رخ کي جنم ڏنو آهي. جنهن ڳجهن انٽيليجنس ۽ تحقيقي صحافت جي وچ ۾ هڪ مستقل ڇڪتاڻ پيدا ٿي ڪري ڇڏي آهي. اها حقيقت آهي ته دهشتگرديءَ خلاف رپورٽنگ ڪرڻ جهڙوڪر دهشتگرديءَ خلاف ئي جنگ ڪرڻ آهي جنهن جي نتيجي ۾ پوليس، انٽيليجنس ادارا، ۽ عدليه به وڪڙ ۾ اچي وڃي ٿي.

ٻئي طرف اختياريون نه ٿيون چاهين ته “ رياست جي محافظ ادارن” جي ڪمين ۽ ڪوتاهين خلاف ڳالهيون عام ٿين، هڪ صحافي جيڪڏهن پشتون تحفظ مومينٽ متعلق رپورٽنگ ڪندو ته ظاهر آهي ته اها ڳالهه ان ئي دائري ۾ ايندي ۽ ميڊيا تي پابندي لڳندي. حد کان وڌيڪ رازداري نه فقط رياست جي قانوني قومي سلامتيءَ کي تحفظ مهيا ڪرڻ ۾ رنڊڪ پئي بڻجي پر ان جي ابتڙ  غير قانوني ۽ غير ضروري ڳاليهن کي عوام تائين پهچائڻ تائين پري رکي ٿي.

پاڪستان جي ميڊيا انڊسٽري ڪڏهن به ڪنهن به  بي جا شيءِ جي نه ته تقاضا ڪئي آهي ۽ نه ئي ڪنهن خاص سهولتن جي گهر ڪئي آهي. ۽ نه ئي پاڪستاني ميڊيا انڊسٽري ملڪي قانون کان مٿاهان ڪي به قدم کنيا آهن. جڏهن ته حڪومت هميشه اهو سمجهندي رهي آهي ته ميڊيا پنهنجي ڪردار ادا ڪرڻ دوران طئه ڪيل “ ڳاڙهي لڪير” اورانگهي رهي آهي. حڪومت کي گهرجي ته پنهنجيون اهڙيون شڪايتون پيپرا ۽ پي سي بي وٽ کڻي وڃي ۽ ڪوشش ڪري انهن ٻنهي ادارن کي پنهنجي ڪنٽرول مان آزاد ڪري.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عمران جي حڪومت، سنڌ جا سُڪل ڦٽ تازا ڪري ڇڏيا

سارنگ پيرزادو جيڪڏهن ڪنهن شخص کي گهڻا ڌڪ لڳن ۽ اهي ڦٽ ٿي وڃن ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے