24 سومر , سيپٽمبر 2018

وزيرِ اعظم عمران خان! سنڌ کي سورن کان نجات ڏياريو

سدا حيات جلباڻي

تحريڪِ انصاف جي سربراهـ عمران خان جي وزيرِ اعظم ٿيڻ سان سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾  اميد اڀري هئي تـ هاڻي فردن سان ۽ صوبن سان پورو پورو انصاف ٿيندو. پر جڏهن سنڌ جو گورنر چونڊيو ويو، مرڪز ۾ حڪومتي مشير مقرر ڪيا ويا، ويهين کان ٻاويهين گريڊ  جي آفيسرن جي پوسٽنگ ڪئي وئي، صدارتي اميدوار نامزد ڪيو ويو ۽ اڪانومڪ ايڊويزري ڪائونسل تشڪيل ڏني وئي تـ سنڌ واسين جي آس جو ڏيئواجھامڻ لڳو آهي. ابتدائي خبرن ۾ تحريڪِ انصاف سان لاڳپيل ممتاز علي خان ڀٽو جو نالو بطور سنڌ جو گونر کنيو پئي ويو.ائين نـ ٿيو. هڪ نان گريجوئيٽ اردو ڳالهائڻ وارو شخص سنڌ جو گورنر ٿي ويو. ساڳي طرح صدارتي اميدوارجي نامزدگي لاءِ بـ اردو ڳلهائڻ واري کي پسند ڪيو ويو. صدر ٿيڻ لائق  تحريڪ ِ انصاف سان واسطو رکندڙ مشهور سياستدان محمد ميان سومرو ۽ جي ڊي اي جو ڌاڪي وارو اڳواڻ غلام مرتضئٰ خان جتوئي تحريڪ کان ڄڻ تـ وسري ويا.

وزيرِ اعظم جي مشيرن ۾ پنجاب ، خيبر پختونخواه ۾ اردو ڳالهائڻ وارن کي نمائندگي ملي آهي.  پر اصلوڪا سنڌي  يڪسر نطرانداز ڪيا ويا آهن. سڀ ڄاڻن ٿا تـ مشير پنهجي شعبن ۾ مهارت جي بنياد تي مقرر ڪيا ويندا آهن. سنڌ  ۾  مخلتف ميدانن ۾ ڪافي ماهر موجود آهن. مثال طور ماليات جو ماهر عبدالحفيظ شيخ، بي ريائيءَ  ۾ شهرت رکندڙ جسٽس (رٽائرڊ) راڻا ڀگوان داس، ترقيءَ جي معاملن جو ماهر مشهور ڪامورو مرڪزي “انويسٽمينٽ بورڊ” ۽ “فرسٽ وومين بئنڪ” تشڪيل ڏيندڙ سيد محب الله شاهـ ، بئنڪنگ سيڪٽر جو وڏو نالو جهانگير صديقي، آرڪيالوجي  ۾  ڊاڪٽريٽ جي ڊگري رکندڙ ڊاڪٽر ڪليم الله لاشاري. مشير جو عهدو ڏيڻ لاءِ انهن مان ڪنهن هڪڙي جي نالي تي غور نـ ڪيو ويو.

تازو وزيراعظم عمران خان7 سرڪاري ۽ 11 خانگي شعبن جي ماهرن تي ٻڌل 18 رڪني اقتصادي ايڊوائيزري ڪائونسل جوڙي آهي.  سنڌ ۾ مهران انجنيئرنگ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد اسلم عقيلي، سنڌ ايگريڪلچر يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر مجيب الدين صحرائي ۽ آئي بي اي سکر يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر نثار احمد صديقي جهڙن اعليٰ پائي جي ماهرن جي موجودگي باوجود هن ڪائونسل ۾  ڪو بـ سنڌي ڳالهائيندڙ شامل نـ ڪيو ويو آهي ساڳي نموني سنڌ جي  ڪامورن کي مرڪزي حڪومت ۾ ڪنهن اهم عهدي تي نـ رکيو ويو آهي.

مرڪزي حڪومت پاران ٻين کي تـ  وڏا وڏا آسرا ڏنا پيا وڃن ، پر سنڌ جي ترقيءَ لاءِ  ڪنهن پيڪيج جو اعلان نـ پيو ٿئي. سنڌ ڪيترن ئي مسئلن ۾ ڦاٿل آهي. وزيرِ اعظم کي علم هوندو تـ هن وقت سنڌ ۾ پاڻيءَ جي شديد قلت آهي. ٿرپارڪر ضلعي، اڇڙي ٿر ۽ ڪوهستان سميت ڪيترن ٻين علائقن ۾  ڏڪار جهڙي صورتحال آهي. انسانن کي پيئڻ  جوصاف پاڻي گھرجي. جانورن لاءِ پاڻي کپي. پڇڙي وارن علائقن ۾ پوکن لاءِ پاڻي جي ضرورت آهي. سکر بيراج جو مدو پورو ٿي ويو آهي. بيراج نئين سر تعمير ڪرڻو آهي. انهن سڀني ڪمن لاءِ سنڌ کي مناسب پيڪيج کپن.

سنڌ جي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ سورنهن سورنهن ڪلاڪ لوڊ شيڊنگ جون شڪايتو آهن. مواصلات وفاق جو شعبو آهي. صوبي جا روڊ تباهـي  جي ڪناري تي پهتل آهن. جن تي سفر ڪندي سوين ماڻهن جون زندگيون ختم ٿي چڪيون آهن. سيوهڻ ـ ڄامشورو  روڊ تي خوني روڊ جو نالو پئجي ويو آهي. اعلان ٿيل هڪ ڪروڙ نوڪرين ۽ پنجاهـ لک گھرن مان سنڌ واسين کي سندن جائز ڀاڱو ڏيڻو آهي. ان سان گڏ و گڏ وزيرِ اعظم قوم سان سياحت کي هٿي وٺرائڻ جو واعدو ڪيو آهي. سنڌ ۾ گورک هل، ٿر وارو ڪارونجھر جبل ۽ خيرپور ۾  ميرن پاران اڏايل تاريخي جاين سميت ڪافي اهڙا ماڳ آهن، جيڪي سياحن لاءِ ڏاڍا  دلچسپ آهن. مرڪزي حڪومت کي انهن ماڳن جي سڌاري لاءِ ضروري قدم کڻڻ گھرجن. انصاف جي تقاضا آهي  تـ مٿي ڄاڻايل  سمورن واعدن تي تسلي بخش نموني عمل ڪرڻ خاطر مرڪزي ڪابينا ۾ سنڌ جي قابل ماڻهن مان مشير مقرر ڪيا وڃن، تازو تشڪيل ڏنل اقتصادي صلاحڪار ڪائونسل ۾  سنڌ جون پنهنجي شعبن ۾ ماهر شخصيتون شامل ڪيون وڃن ۽ سنڌي ڳالهائيندڙ ڪامورا وزيرِ اعظم هائوس سميت ٻين اهم پوسٽن تي رکيا وڃن.

هيءَ حقيقت هر ڪنهن کي معلوم آهي تـ  نام نهاد قومي پريس سنڌ جي ٻهراڙين جي مسئلن جو جوڳو ذڪر نـ ٿي ڪري. سنڌي ٻوليءَ جون اخبارون ئي سنڌ جي مسئلن کي چڱيءَ طرح اجاگر ڪن ٿيون. سنڌ جي جائز شڪايتن جو ازالو ڪرڻ ۽ سنڌ جي مسئلن  بابت مڪمل ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ وزيرِ اعظم هائوس ۾ سنڌي ڳالهائيدڙ تجربيڪار شخصيتن تي ٻڌل “رورل سنڌ شڪايت سيل”  قائم ڪيو وڃي. جيڪو باقائدگيءَ سان وزيرِ اعظم  کي سنڌي توڙي اردو ۽ انگريزي اخبارن ۾ آيل سنڌ متعلق خبرن بابت آگاهـي ڏيندو رهي تـ جيئن سنڌ جا مسئلا ترت حل ٿيندا وڃن. ائين ڪرڻ سان سنڌ ۾ تحريڪِ انصاف جي نيڪناميءَ ۾ بـ اضافو ٿيندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌ جي نياڻين جو درد، حوصلو ۽ جاکوڙ…!

ڪامران چانڊيو سنڌ جون اهي نياڻيون جيڪي پيرين اگھاڙين سنڌ جي روڊن تي، پنهنجن پيارن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے