25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

نيوز: کهڙا: لوڊر چنگچي رڪشائن جي اچڻ کانپوءِ  گڏهه گاڏي جو رواج ختم، پورهيت پريشان

Khuhra: Workers tensed, Loader chingchi and rickshaw became trend*کهڙا ۾ لوڊر چنگچي رڪشائن جي اچڻ کانپوءِ  گڏهه گاڏي جو رواج آهستي آهستي ختم ٿيڻ لڳو آهي،  جنهن سبب  گڏهه گاڏو هلائي پنهنجو پيٽ گذر ڪندڙ پورهيت هن وقت فاڪاڪشي جو شڪار ٿي ويا آهن.

گڏهه گاڏو هلائيندڙ ڪيترن ئي پورهيتن پنهنجا گڏهه گاڏا کپائي لوڊر گاڏيون خريد ڪري ورتيون آهن.

ٻڌايو پيو وڃي تھ   لوڊر گاڏيون گڏهه گاڏي کان وڌيڪ لوڊ کڻڻ ٿيون ، شهري توڙي دڪاندار، واپاري پنهنجو سامان کڻائڻ لاءِ گڏه گاڏن بجاءِ  لوڊر گاڏين کان کڻائن ٿا.

گڏهه گاڏو هلائيندڙ  پورهيت سڄو ڏينهن  فارغ ويهي گهر موٽي وڃن ٿا.

ان موقعي تي     گڏهه گاڏو هلائيندڙن پورهيتن جو چوڻ هو ته اڳ انهن جي تمام سٺي روزي ٿيندي هئي  پر لوڊر چنگچي اچڻ کان پوءِ سندن ڪاروبار ٺپ ٿي ويو آهي.

هنن چيو تھ هاڻي تھ  پنهنجن ٻچن جو پيٽ پالڻ بھ  مشڪل ٿي ويو آهي، حڪومت کي گهرجي تھ غريب پورهيتن لاءِ جوڳا قدم کڻي کين فاڪاڪشي کان بچايو وڃي……………….

هي به ڏسي سگهو ٿا

NaoDero

نيوز | نئون ديرو: اڻڄاتل جوابدار دڪاندارن کي يرغمال بڻائي 40 هزار رپيا ڦري ويا

نئين ديري ۾ اڻڄاتل جوابدار دڪاندارن کي يرغمال بڻائي 40 هزار رپيا روڪ رقم ڦري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے