23 آچر , سيپٽمبر 2018

اسپتال مان مليل نمونا تبديل ٿيا، بوتلن مان تيل ۽ ماکي نڪري آئي: چيف جسٽس

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) چيف جسٽس ثاقب نثار رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته خبر ناهي ڪنهن اسپتال مان مليل نمونا تبديل ڪري ڇڏيا. سپريم ڪورٽ ۾ پئٽروليم سيڙپڪاري ڪيس جي ٻڌڻي دوران رمارڪس ڏيندي چيف جسٽس ثاقب نثار چيو ته منهنجي ڪراچي ۾ سب جيل جي دوري تي وڏو گوڙ ٿيو آهي، ايئن لڳو ڄڻ شرجيل ميمڻ سب جيل نه پر صدارتي سوٽ ۾ رهي رهيو آهي. هن چيو ته خبر ناهي ڪنهن نمونا ورتا، ڪنهن ٽيسٽ ڪرايا، ڪنهن اسپتال مان مليل نمونا تبديل ڪري ڇڏيا، جيڪڏهن مون کي ڪارروائي ڪرڻي هجي ها ته شرجيل ميمڻ کي گرفتار ڪرائي پاڻ نمونا حاصل ڪيان هان. چيف جسٽس چيو ته مون کي خبر پئي ته ضياءَ الدين اسپتال ۾ هڪ صدارتي ڪمرو آهي، جتي اعليٰ قيدي رهندو آهي،  ان اعليٰ قيدي جي راتين جون جيڪي ڳالهيون ٿينديون آهن اها به خبر آهي. هن چيو ته هاڻي کين پنجاب آڻينداسين، هتي به عدالتون آهن، سنڌ انتظاميه کي سهڪار نه ڪرڻو آهي ته ٻين صوبن ۾ ڪيس هلندا. چيف جسٽس چيو ته ڀڄڻ وارا نه آهيون، فيصلن تي عمل ڪرائڻ  ڄاڻون ٿا.  سپريم ڪورٽ پئٽروليم سيڙپڪاري ڪيس ۾ نيب کان ٽن هفتن ۾ جواب طلب ڪري ورتو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

لاهور سميت پنجاب جي ڪيترن ئي شهرن ۾ زلزلي جا جهٽڪا

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پنجاب جي ڪيترن ئي شهرن ۾ زلزلي جا شديد جهٽڪا …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے