21 جمعو , سيپٽمبر 2018

بليو وهيل بعد مومو گيم به انساني زندگي لاءِ هاڃيڪار ، ڪولمبيا ۾ ٻن ٻارڙن پاران خودڪشي

 After the blueprint, the mourning team will be for human life, two children in Colombia by autoڪولمبيا(ويب ڊيسڪ) ڪيترن ئي ماڻهن جون حياتيون کسيندڙ بليو وهيل گيم کانپوءِ هاڻي مومو گيم چئلينج به پنهنجا پير ڄمائڻ شروع ڪيا آهن، جنهن جو نشانو ڪولمبيا جا 2 ٻار ٿيا آهن.  رپورٽن موجب ڪولمبيا ۾ 48 ڪلاڪن اندر هڪ 16 ورهين جي نينگر ۽ 12 ورهين جي ٻارڙي جي خودڪشين جا واقعا سامهون آيا آهن، جنهن جو تعلق مومو گيم سان آهي پرڏيهي ميڊيا جي.رپورٽن موجب ٻئي ٻارڙا هڪٻئي کي سڃاڻين پيا ۽ نينگر ئي ٻارڙي سان گيم شيئر ڪئي هئي. مومو گيم حقيقت ۾ سوشل ميڊيا اڪائونٽس يعني واٽس ايپ، يوٽيوب ۽ فيس بڪ جي لنڪ ذريعي شيئر ڪئي وڃي ٿي، ان ۾ هڪ خوفناڪ آرٽ تصوير کي استعمال ڪيو ويندو آهي، جنهن کي مدر برڊ باءِ لنڪ فيڪٽري سڏيو وڃي ٿو ته جيئن ٻارڙن ۾ تجسس پيدا ڪري سگهجي.ان قسم جا لنڪ سوشل ميڊيا تي تيزي سان وائرل ٿي ويا آهن، جيڪي زندگي کسيندڙ ثابت ٿي سگهن ٿا. واضح رهي ته ان ٻنهي گيمن تي آءِ ٽي وزارت پاڪستان پابندي لاڳو ڪري رکي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان دهشتگردن جي ٿاڪن جي خاتمي لاءِ آپريشن ڪيا: آمريڪا جو اعتراف

واشنگٽن ( ويب ڊيسڪ ) آمريڪي پرڏيهي کاتي اعتراف ڪيو آهي ته  پاڪستان دهشتگردن جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے