24 سومر , سيپٽمبر 2018

ملڪ جي 13 هين صدر جي چونڊ لاءِ پولنگ جو عمل جاري

Starting a polling process for the 13th President of the country

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ملڪ جي 13 هين صدر جي چونڊ لاءِ پولنگ جو وقت شروع ٿي ويو جڏهن وقاقي پارليامنٽرين ۽ صوبائي اسمبلين ۾ ميمبر ڳجهي راءِ شماري تحٽ ووٽ ڪاسٽ ڪري رهيا آهن. قومي اسمبلي ۽ سينيٽ ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جي سربراهي ۾ پولنگ جو عمل جاري آهي ۽ ميمبرن پنهنجا پنهنجا ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن. ڪي پي ڪي اسمبلي ۾ پريزائيڊنگ آفيسر چيف جسٽس وقار احمد سيٺ جي سربراهي ۾ پولنگ جي شروعات ٿي وئي آهي جڏهن ته بلوچستان اسمبلي ۾ پڻ چيف جسٽس سيده طاهرا صفدر جي نگراني ۾ ووٽ جو عمل جاري آهي. چيف الڪيشن ڪمشنر جسٽس(ر) سردار محمد رضا صدارتي چونڊ لاءِ ريٽرنگ آفيسر آهي جڏهن ته چئني صوبائي اسمبلين ۾ هاءِ ڪورٽن جا چيف جسٽس صاحب ۽ سينيٽ ۽ قومي اسمبلي ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس پريزائيڊنگ آفيسر جون ذميواريون انجام ڏئي رهيو آهي. صدارتي چونڊ لاءِ ٽه اميدوار ميدان تي لٿل آهن ۽ بيلٽ پيپر تي پيپلز پارٽي جي اميدوار اعتزاز احسن جو نالو پهرين نمبر تي موجود آهي جڏهن ته تحريڪ انصاف جي اميدوار ڊاڪٽر عارف علوي ٻئين ۽ 5 مخالف ڌرين پارٽين جي گڏيل اميدوار مولانا فضل الرحمان جو نالو ٽئين نمبر تي داخل آهي.پولنگ جو عمل مڪمل ٿيڻ تي پريزائيڊنگ آفيسر پول ووٽ جا تفصيل جو اعلان ڪندا ۽ حتمي نيتجين جو اعلان چيف اليڪشن ڪمشنر سردار رضا پاڻ ڪندو.ياد رهي ته اڄ ملڪ جو 13 هون صدر چونڊيو ويندو، جنهن لاءِ 1121 ووٽر آهن، اسيمبلين جون 53 سيٽون خالي آهن، جن ۾ سينيٽ جون 2، قومي اسيمبلي جون 12 ۽ صوبائي اسيمبلي جون 30 سيٽون شامل آهن، سنڌ اسيمبلي جون 3 سيٽون خالي آهن ۽ جن قسم ناهي کنيو، اتي 163 ووٽر آهن. خيبر پختون خوا جي 124 ميمبرن مان 12 سيٽون خالي آهن ۽ 112 ووٽر ووٽ ڏيندا. بلوچستان اسيمبلي جا 65 مان 60 ميمبر ووٽ ڏيندا ٻه سيٽون خالي آهن ۽ ٽن ميمبرن حلف ناهي کنيو. پنجاب جي 371 مان 13 سيٽون خالي آهن. ووٽرن جو تعدد 354 آهي. پي ٽي آءِ جي صدارتي اميدوار عارف علوي ۽ جهانگير ترين بي اين پي مينگل جي سربراهه اختر مينگل سان ملاقات ڪئي. اختر مينگل عارف علوي کي حمايت جي خاطري ڪرائي. جهانگير ترين اختر مينگل جا 6 مطالبا منظور ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي. ان موقعي تي عارف علوي چيو ته بلوچستان سميت سمورن صوبن کي حق ڏينداسين. هن چيو ته عمران خان جي بلوچستان جي ترقي ۽ بحالي بابت هاڪاري سوچ آهي. سندس چوڻ هو ته بلوچستان سان ڪيل واعدن کي پورو ڪيو ويندو. سردار اختر مينگل چيو ته بلوچ عوام جو محرومي وارو احساس ختم ڪرڻ ضروري آهي.ٻئي طرف صدارتي چونڊ لاءِ مخالف ڌر جو گڏيل اميدوار آڻڻ لاءِ آخري وقت ۾ مولانا فضل الرحمان مشروط طور راضي ٿي ويو. پ پ وفد ن ليگ قيادت سان ملاقات لاءِ پهچي ويو. ڪالهه مولانا فضل الرحمان صدارتي چونڊن بابت پ پ جي شريڪ چيئرمين سان ملاقات ڪئي ۽ معاملي تي ڳالهيون ڪيون. پ پ اڳواڻ فرحت الله بابر چيو ته مولانا فضل الرحمان ملاقات بعد راضپو ڏيکاريو ته جيڪڏهن شهباز شريف راضي ٿئي ته اعتزاز احسن جي هٿ کڻڻ لاءِ تيار آهيان. فرحت الله بابر چيو ته اعتزاز احسن اميدوار ٿيو ته چونڊ کٽي به سگهي ٿو. ٻئي طرف شهباز شريف اعتزاز احسن کي اميدوار مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. جيو نيوز موجب مسلم ليگ ن ۾ صدارتي چونڊ تي اختلاف آهن. مرڪزي اڳواڻ ۽ نواز شريف جا ساٿي سينيٽر پرويز رشيد جي اعتزاز احسن جي معافي وٺڻ جي بيان جي مخالفت ڪئي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نواز شريف حڪومت کي ٽف ٽائيم ڏيڻ لاءِ آصف زرداري کان مدد گهري ورتي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)  اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف حڪومت کي ٽف ٽائيم ڏيڻ لاءِ اڳوڻي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے