25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

ليبر کاتي جي ڊيڊلائن ۾ باقي 6 ڏينهن، سعودي ۾ غيرملڪين دڪان ۽ ڪاروبار بند ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا

Other 6 days in Labor Department's Dallinns started closing non-shopkeepers and businesses in Saudi Arabia.رياض(ويب ڊيسڪ) سعودي عرب ۾ دڪانن ۽ شورومن ۾ 70 سيڪڙو مقامي ملازمن جي ڀرتي جي حوالي سان ڊيڊ لائن ختم ٿيڻ ۾ باقي 6 ڏينهن بچا آهن، ٻئي پاسي غيرملڪين پنهنجا دڪان ۽ ڪاروبار بند ڪرڻ شروع ڪري ڇڏياآهن. ان فيصلي بعد گهڙين، عينڪن، طبي سامان، الڪٽرانڪ اوزارن، گاڏين جي پرزن جي دڪانن، تعميراتي ۽ آفيسن جي سامان، قالينن ۽ تيار لباسن جي دڪانن تي پڻ سعودي ملازم ڪم ڪندا. هڪ معاشي ماهر فهد الشرافي موجب سعودي عرب جي ريٽيل مارڪيٽ 375 ارب ريالن ماليت جي آهي ۽ ان جي کنيل قدم سان 10 لک نوڪريون پيدا ٿيڻ جا امڪان آهن. هن ٻڌايو ته ملازمتن تي مقامي ماڻهن کي رکڻ جي فيصلي سان سعودي شهرين کي ۽ ملڪي معيشت کي فائدو ٿيندو. ٻئي پاسي 11 سپٽمبر کان سعودي عرب ليبر کاتو ان قانون تي عمل ڪرائڻ لاءِ 200 انسپڪر پڻ مقرر ڪري ڇڏيندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Such a world is not accepted where our future decisions will be taken into account: Malala Yousufzai

اهڙي دنيا قبول ناهي جتي اسان جي مستقبل جا فيصلا بند ڪمرن ۾ ڪيا وڃن: ملالا يوسفزئي

نيويارڪ ( ويب ڊيسڪ ) نوبيل انعام يافته پاڪستاني شاگردياڻي ملالا يوسفزئي چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے