22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

ڪراچي: اتحاد ٽائون ۾ مبينا پوليس مقابلو، ٽي ٽي پي جا 3 دهشتگرد مارجي ويا

Karachi: Three terrorists were killed and three others were killedڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي جي علائقي اتحاد ٽائون ۾ مبينا پوليس مقابلي دوران پابندي مڙهيل تنظيم تحريڪ طالبان پاڪستان( ٽي ٽي پي) جا 3 دهشتگرد مارجي ويا. پوليس ذريعن موجب ڳجهن ادارن ۽ پوليس جي گڏيل ڪاروائي جي نتيجي ۾ مارجي ويل دشتگردن مان 2 مبينا آپگهاتي بمبار هئا. دهشتگردن وٽان هٿيار، بارودي مواد، بال بيرنگز ۽ آپگهاتي جيڪٽون هٿ آيون آهن. شروعاتي جاچ موجب هڪ آپگهاتي جيڪٽ جو وزن 25 ڪلوگرام تائين آهي. پوليس ذريعن موجب دهشتگردن ڪراچي ۾ مستونگ واقعي جهڙي حڪمت عملي تيار ڪري رهيا هئا. ذريعن موجب دهشتگردن جي سڃاڻپ جو عمل جاري آهي. ٻئي پاسي پوليس طرفان دهشتگردن جي وڌيڪ ساٿين جي گرفتاري لاءِ آپريشن پڻ جاري آهي. ذريعن موجب حساس ادارن ۽ پوليس جي وڏي ڪاروائي تي انسپڪٽر جنرل(آءِ جي) سنڌ جي پريس ڪانفرنس ڪرڻ جو امڪان آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

والاريل ڪشمير ۾ عاشور تي  ڪرفيو، ڪيترائي حريت اڳواڻ نظر بند

سرينگر ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي قابض فوج سرينگر  ۽ ٻين ضلعن ۾ ڪرفيو لاڳو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے