22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

نيوز: ڊگهڙي:  جوابدار ڪارنهن الزام هيٺ پنهنجي گهرواري کي گهٽا ڏئي قتل ڪري ڇڏيو

Dighri: Suspect killed his wife by strangling her*ڊگهڙي  ويجهو  ڳوٺ حاجي غلام محمد نوحاڻي ۾ جوابدار ڪارنهن الزام هيٺ پنهنجي گهرواري کي گهٽا ڏئي قتل ڪري ڇڏيو.

ڳوٺ حاجي غلام محمد نوحاڻي ۾ جوابدار  محمد وسيم خاصخيلي  پنهنجي گهرواري 22  ورهين جي  صغران خاصخيلي کي   ڪارنهن جي  الزام ۾  گهٽا ڏئي قتل ڪري ڇڏيو.

اطلاع تي ڊگهڙي پوليس لاش کڻائي ٿاڻي تي آندو  ۽ بروقت ڪارروائي ڪري جوابدار کي پڻ گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو آهي.

ان موقعي تي  جوابدار ميڊيا آڏو اعتراف ڪندي  ٻڌايو تھ سندس زال جا ڪنهن غير مرد سان جنسي لاڳاپا هوءَ کيس  کاڌي ۾ نشي واريون گوريون ڏيئي غير مردن سان ملڻ ويندي هئي.

هن چيو تھ ان ڪري غيرت ۾ اچي کيس گهٽا ڏئي قتل ڪيو.

 هوڏانهن مقتولا جي والد حبيب الله ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو تھ وسيم خاصخيلي سندس ناٺي  هو سندن شادي کي پنج سال ٿي چڪا آهن پر کيس ڪوبھ اولاد ناهي.

هن چيو تھ  سندس ڌيءُ کي قتل ڪرڻ جو اصل ڪارڻ  جي کيس خبر ناهي .

آخري اطلاع تائين واقعي جو  ڪيس داخل نه ٿي سگهيو ۽ نه ئي لاش جو پوسٽ مارٽم ٿي سگهيو هو……….

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | چمبڙ: عاشوري جي موقعي تي ماتمي جلوس ڪڍيو ويو

چمبڙ ۾  عاشوري جي موقعي تي مرڪزي ماتمي جلوس ڪڍي ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے