20 خميس , سيپٽمبر 2018

نيوز |سجاول: شاگرد ايڪشن ڪميٽي پاران مطالبا نه مڃڻ تي پرنسيپال خلاف بک هڙتال

سجاول ۾ شاگرد ايڪشن ڪميٽي پاران مطالبا نه مڃڻ تي پرنسيپال ڪاليج خلاف بک هڙتالي ڪيمپ لڳائي وئي.

ڊگري ڪاليج جي دروازي تي ارشاد، صوفي شهمير ۽ مير صبحان سميت ٻين جي اڳواڻي ۾ اسٽوڊنٽس ايڪشن ڪميٽي جي شاگردن پرنسيپال ڪاليج خلاف بک هڙتالي ڪيمپ لڳائي.

بک هڙتالي ڪيمپ ۾ سياسي سماجي ڌرين، شهرين ۽ شاگردن ايڪي طور شريڪ ٿيا.

شاگرد اڳواڻن جو چوڻ هو ته ڪاليج مان وڻ ڪٽرايا ويا آهن، ۽ بجيٽ به هڙپ ڪئي وئي، مطالبا نه مڃڻ تي ٻيهر بک هڙتال ڪئي وئي آهي.

هنن چيو ته پرنسيپال قادر مگسي مختلف سياسي   سماجي تنظيمن ۽ شهري اتحاد جي اڳواڻن سان ڳالهيون ڪري ٽن ڏينهن   مهلت گهري، پر ٽي ڏينهن گذرڻ باوجود پرنسيپال ڪو به جواب ناهي ڏئي سگهيو.

شاگردن ڪاليج انتظاميه کان گهر ڪئي ته جائز مطالبا حل ڪري، نه ته بک هڙتال جاري رهندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Hala: Tribute to the martyrs of Karbala

هالا: ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا ڏيڻ جو سلسلو جاري

هالا: ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا ڏيڻ جو سلسلو جاري

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے