23 آچر , سيپٽمبر 2018

نيوز |خانپورمهر واسڻ بيمار نينگري جي خبر هلڻ بعد هاءِ ڪورٽ نوٽيس

مظلومن جي آواز عوامي آواز تي خانپورمهر واسڻ بيمار نينگري جي خبر هلڻ بعد هاءِ ڪورٽ نوٽيس ورتو آهي.

ٿيلسميا جي مرض ۾ ورتل نينگري شمائله لُنڊ جي عوامي آواز ۾ خبر ڇپجڻ بعد چيف جسٽس احمد علي شيخ پاڻمرادو نوٽيس ورتو.

هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي نينگري جي علاج لاءِ سمري وڏي وزير منظور ڪري ورتي، صحت کاتي گهوٽڪي کي بيمار نينگري ڪراچي پهچائڻ جون هدايتون ڏنيون ويون.

عوامي آواز ٽي وي سان ڳالهيائيندي نينگري جي پيءُ صدام چيو ته غريب خاندان جو عوامي آواز سهارو بڻي آهي، جنهن تي کين تمام گهڻي خوشي ٿي رهي آهي.

هن چيو ته عوامي آواز جي خبر لڳڻ بعد سندس نياڻي جو علاج ٿيڻ وڃي پيو، هو عوامي آواز ۽ چيف جسٽس جا ٿورائتا آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

NorthWaziristan7Martyred, , Thar, IGSindh, Badin, Khoski

رات يارهين وڳي وارو نيوز بليٽن / 2018-09-22

*اتر وزيرستان:فورسز جو آپريشن،9 دهشتگرد مارجي ويا، آفيسر سميت 7 اهلڪارشهيد *ٿر ۾ ڏڪاري حالتن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے