23 آچر , سيپٽمبر 2018

نيوز |ٽنڊي آدم: مبينا طور مدي خارج ٽُڪو لڳڻ سبب معصوم ٻارڙو فوت

Tando Adamٽنڊي آدم ڀرسان مبينا طور مد خارج ٽُڪو لڳڻ سبب معصوم ٻارڙو فوت ٿي ويو.

ڳوٺ ملا مکڻ ۾ ميبنا طور مدي خارج ٽڪو لڳڻ سبب هڪ ورهيه جو ٻارڙو عامر خاصخيلي فوت ٿي ويو، وارثن جي احتجاج بعد پوليس لاش پوسٽ مارٽم لاءِ تعلقي اسپتال آندو.

ڊاڪٽرن موجب ٻارڙي جا جزا چڪاس لاءِ ليبارٽري اماڻيا ويندا، رپورٽ اچڻ بعد موت جي ڪارڻ بابت خبر پوندي.

فوتي ٻاڙي جي پيءُ ابراهيم خاصخيلي جو چوڻ هو ته هڪ مهينو اڳ پٽ کي صحت مرڪز ملا مکڻ مان بيمارين کان بچاءَ جو ٽڪو لڳرايو، جنهن بعد نينگر جي طبيعت خراب ٿي وئي.

هن چيو ته مختلف اسپتالن مان علاج ڪرائڻ باوجود نينگر جي طبيعت ۾ سڌارو نه آيو، بعد ۾ فوت ٿي ويو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Dhabeji

نيوز | ڌاٻيجي : قتل ڪيس ۾ نامزد جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف وارثن ۽ سول سوسائٽي جو احتجاج

ڌاٻيجي  ۾ 5 مهينا اڳ نوشهروفيروز ۾ قتل ڪيل مڙس، زال ۽ ماءُ جي قتل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے