23 آچر , سيپٽمبر 2018

نيوز |شرجيل انعام خلاف ڪيس جي جاچ هلندڙ آهي: آءِ جي سنڌ

آءِ جي سنڌ امجد جاويد سليمي چيو آهي ته سنڌ حڪومت سان سندس ڪي به اختلاف ناهن، شرجيل ميمڻ تي ڪيس هلندڙ آهن، جن بابت جاچ جاري آهي.

ڀٽ شاهه ۾ شاهه ڀٽائي جي مزار تي حاضري ڀرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي آءِ جي سنڌ امجد سليمي چيو ته  شاهه لطيف عظيم بزرگ هستي آهي، سمورن درگاهن جي سيڪيورٽي لاءِ سخت قدم کنيا پيا وڃن.

هن چيو ته ڪراچي سميت سنڌ جي سمورن علائقن ۾ امن امان جي صورتحال بهتر آهي، ڪراچيءَ ۾ ڪيترائي ٽارگيٽ ڪلر گرفتار ڪيا ويا آهن.

سندس چوڻ هو ته 6 مهينن دوران ڪراچي ۾ ٿيل واقعن جي 90 سيڪڙو جوابدارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويو آهي، ڪجهه ڏينهن اڳ به 2 خطرناڪ ٽارگيٽ ڪلر گرفتار ڪيا ويا آهن.

آءِ جي چيو ته ڪنهن بـ غير قانوني عمل جو سخت نوٽيس ورتو ويندو،  منشيات ۽ ٻين وارداتن ۾ ملوث ماڻهن خلاف سخت ڪارروائي ٿيندي.

ان موقعي تي ڊي آئي جي حيدرآباد سلطان خواجا، ايس ايس پي مٽياري سيد زاهد حسين شاهه  ۽ ڊي ايس پي هالا غلام سرور ٻٻر سميت ٻيا آفيسر ۽ اهڪار آءِ جي سنڌ سان گڏ هئا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

NorthWaziristan7Martyred, , Thar, IGSindh, Badin, Khoski

رات يارهين وڳي وارو نيوز بليٽن / 2018-09-22

*اتر وزيرستان:فورسز جو آپريشن،9 دهشتگرد مارجي ويا، آفيسر سميت 7 اهلڪارشهيد *ٿر ۾ ڏڪاري حالتن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے