21 جمعو , سيپٽمبر 2018

نيوز |ٽنڊو غلام علي: ٽريڪٽر ٽرالي کي باهه لڳڻ سبب 25 ڄڻا سڙي زخمي

ٽنڊو غلام علي ۾ ٽريڪٽر ٽرالي کي باهه لڳڻ سبب ڀيل برادري جا عورتن ۽ ٻارڙن سميت 25 ڄڻا سڙي سخت زخمي ٿي پيا.

چمبڙ ناڪه اسٽاپ تي ٽريڪٽر ٽرالي تي پيل جنريٽر ۾ پيٽرول وجهڻ سبب باهه لڳي وئي، ٽرالي تي سوار عورتن ۽ ٻارڙن سوڌو 25 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا، جن مان ڇهن ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.

زخمين کي اسپتال آندو ويو، جڏهن ته 6 ڄڻن جو 90 سيڪڙو جسم سڙي ويو، کين ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد نيو ويو.

زخمين ۾ ڌنيش، ڪيلاش، ويرجي ۽ سيتل سميت 25 ڄڻا شامل آهن.

ٻڌايو پيو وڃي ته ڀيل برادري جا ماڻھو ڪانوڙو عيد تي ڪانوڙو ٻوڙڻ جي رسم ادا ڪرڻ وڃي رهيا هئا ته رستي ۾ حادثو پيش آيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

FlagMarch, Jamshoro

نيوز | ڄامشورو: محرام الحرام ۾ امن امان جي صورتحال برقرار رکڻ لاءِ فليگ مارچ

ڄامشوري ۾ محرام الحرام ۾ امن امان جي صورتحال برقرار رکڻ لاءِ فليگ مارچ ڪيو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے