25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

نيوز |ٽنڊو باگو: ڪولهي برادري جي ماڻهن پاران پوليس خلاف ٻئين ڏينهن به احتجاج

ٽنڊي باگي ۾ ڪولهي برادري جي ماڻهن پاران پوليس خلاف ٻئين ڏينهن به احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

نيشنل پريس ڪلب آڏو ڳوٺ گلڻ خاصخيلي جي سيوجي ڪولهي، جيوو ۽ آلو ڪولهي سميت ٻين عورتن ۽ ٻارن پوليس جي ناانصافين خلاف احتجاج ڪيو.

ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪولهي برادري جي ماڻهن الزام هنيو ته سندن برادري جي جڳو ڪولهي کي شراب وڪري جي الزام تحت ڪوڙي ڪيس ۾ چالان ڪري ڇڏيو آهي.

هنن چيو ته جڳو ڪولهي درزي آهي، جيڪو عيد تي ڏنل ڪپڙا نئون آباد ۾ گراهڪن کي ڏيڻ ويو، جتان کيس ٽنڊوباگو پوليس کنڀي شراب جي بٺي هلائڻ جي ڪيس ۾ چالان ڪري.

هنن ايس ايس پي بدين کان مطالبو ڪيو ته جڳو ڪولهي خلاف ڪيس ختم ڪري انصاف ڪري، نه ته هو احتجاجي دائرو وڌائيندا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

NaoDero

نيوز | نئون ديرو: اڻڄاتل جوابدار دڪاندارن کي يرغمال بڻائي 40 هزار رپيا ڦري ويا

نئين ديري ۾ اڻڄاتل جوابدار دڪاندارن کي يرغمال بڻائي 40 هزار رپيا روڪ رقم ڦري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے