19 اربع , سيپٽمبر 2018

نيوز |اسلام ڪوٽ: پاڪ فوج پاران ٿر ۾ شهيد جوانن جي گهر پهچي راشن ۽ روڪ رقم ڏني

Islamkotاسلام ڪوٽ ڀرسان پاڪ آرمي طرفان شهيد فوجي اهلڪارن جي وارثن ۾ رليف  پئڪيج جو سامان ورهايو ويو.

ميجر مشتاق سمائر. ميجر الطاف ۽ ڊي ايس آر رينجرس شڪيل احمد جي اڳواڻي ۾پاڪ آرمي جي ٽيمن کارو بجير. مٺڙيو اوٺا. چوڻھار. ڳاٽ ۽ ٻين ڳوٺن پهچي شھيدن جي ڪل 27 خاندانن ۾ امداد ۽ روڪ رقم ورهائي.

ٿرپارڪر ضلعي جي شھيد 21 فوجي جوانن، هڪ پوليس اهلڪار ۽ 5 دهشتگردي جي شڪار پورهيت ڳوٺاڻن جي گهرن پهچي کاڌي پيتي جو سامان ۽ روڪ رقم ڏني وئي.

ميجر مشتاق احمد جو چوڻ هو ته فوجي جوانن سان گڏ دهشتگردي جا شڪار عام ماڻھو به ملڪ جا شهيد آھن، سندن خاندانن جي سهائتا اسان سڀني جو فرض آھي.

هن چيو ته سڄي قوم کي دهشتگردي جو گڏجي مقابلو ڪرڻو آھي، شھيدن جون قربانيون ضايع نه ٿينديون.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | ڪراچي: سنڌ خلاف ٿيندڙ سازش کي گڏيل جدوجهد ذريعي ناڪام ڪبو: رياض چانڊيو

سنڌ درياهه تي ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت ۽ پرڏيهين کي سنڌ جو شھري بڻائڻ واري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے