20 خميس , سيپٽمبر 2018

اسمگلنگ ۽ مني لاندرنگ جي خاتمي لاءِ قانون ۾ ترميم جو فيصلو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ اسمگلنگ ۽ مني لانڊرن جي خاتمي لاءِ قانون ۾ ضروري ترميم جو فيصلو ڪيو ويو آهي.  وزير اعظم جي صدارت هيٺ اسمگلنگ ۽ مني لانڊرنگ جي خاتمي بابت اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو جنهن ۾ ناڻي واري وزير اسد عمر، مملڪتي گهرو وزير شهريار آفريدي، وزير اعظم جي صلاحڪار ڊاڪٽر عشرت حسين ۽ نعيم الحق سميت اسٽيٽ بينڪ جي گورنر ۽ ناڻي واري ۽ گهرو سيڪريٽرين به شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ سيڪريٽري ڪارمس ۽ ايف بي آر اختيارين طرفان اسمگلنگ ۽ مني لانڊرنگ بابت بريفنگ ڏني وئي. وزير اعظم عمران خان کي رقم جي غير قانوني اچ وڃ سبب قومي معيشت کي ٿيل نقصانن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. پڌرائي موجب اجلاس ۾ اسمگلنگ ۽ مني لانڊرنگ جي خاتمي لاءِ قانون ۾ ضروري ترميمن جو فيصلو ڪيو ويو. موجوده قانون ۾ ضروري ترميم لاءِ اٽارني جنرل جي سربراهي ۾ ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي. پڌرائي موجب ڪميٽي ڪسٽم، اسٽيٽ بينڪ، ايف بي آر ۽ ايف آءِ اي جي نمائندن تي ٻڌل هوندي.  ڪميٽي ايندڙ هڪ هفتي ۾ پنهنجون سفارشون پيش ڪندي. وزير اعظم گهرو وزارت کي انتظامي بندوبست بابت گهربل حڪمت عملي جون سفارشون هڪ هفتي ۾ پيش ڪرڻ جي هدايت به ڪئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اهو تاثر درست ناهي ته ججن دٻاءَ ۾ فيصلو ٻڌايو: اعتزاز احسن

لاهور (ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي سينيئر قانونداد اعتزاز احسن چيو آهي اهو تاثر نٿو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے