20 خميس , سيپٽمبر 2018

تازين چونڊن تي لعنت ڏيان ٿو: مشاهد الله خان

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي اڳواڻ سينيٽر مشاهد الله خان چيو آهي ته تازين چونڊن تي لعنت ڏيان ٿو. عام چونڊن ۾ مبينا ڌانڌلي تي سينيٽ ۾ تحريڪ التوا تي بحث ٿيو جنهن ۾ پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندي سينيٽر مشاهد الله اليڪشن ۾ ڌانڌلي تي ڇتي تنقيد ڪندي چيو ته تازين چونڊن تي لعنت ڏيان ٿو. سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سليم مانڊوي والا مشاهد الله کي ٽوڪيندي چيو ته مهرباني ڪري غير پارليماني لفظن کان پاسو ڪيو. ان تي مشاهد الله خان چيو ته لفظ لعنت غير پارليماني ناهي پر اردو جو لفظ آهي، توهان جو مسئلو اِهو آهي ته توهان اردو بدران انگلش کي وڌيڪ بهتر ڄاڻو ٿا. مشاهد الله جو چوڻ هو ته اِها عجيب اليڪشن هئي جنهن ۾ 17 لک ووٽ رد ڪيا ويا، نتيجا تبديل ڪري چيو ويندو آهي ته مديني جهڙي رياست بڻائينداسين چونڊن ۾ ميڊيا تي پابندي لڳائي وئي، صحافين کي ڊيڄاري ۽ ڌمڪائي ڪال لکرايا ويا، ميڊيا کي پولنگ اسٽيشن ۾ وڃڻ کان روڪيو ويو، ڳڻپ واري عمل ۾ پولنگ ايجنٽن کي ٻاهر ڪڍيو ويو. مشاهد الله چيو ته رات ٻه وڳي چيو ويو ته آر ايس ٽي سسٽم ٿي ويو، 8 ڪلاڪن تائين آر ٽي ايس سسٽم  صحيح ڪم ڪندو رهيو پر رات 2 وڳي ڇا ٿيو؟ حسن عسڪري 5 سالن تائين ن ليگ جي خلاف ڳالهائيندو رهيو ۽ کيس ئي پنجاب جو نگران وڏو وزير بڻايو ويو. سينيٽر عثمان ڪاڪڙ چيو ته ملڪ ۾ ٻيهر صاف ۽ شفاف چونڊون ڪرايو وڃن، چيف اليڪشن ڪمشنر فوري طور استعيفيٰ ڏئي، سينيٽ جي اليڪشن زر ۽ زور سان ڪئي وئي، چونڊن جي نالي تي سڀ کان وڏي سليڪشن ٿي. جاويد عباسي چيو ته عام چونڊن ۾ بدترين ڌانڌلي ٿي، نادرا آر ٽي ايس سسٽم ڄاڻي واڻي بند ڪيو، حڪومتي ميمبر اعظم سواتي به ان ڳالهه جو اعتراف ڪيو ته ڌانڌلي جي جاچ لاءِ پارليماني جاچ ڪميشن جوڙي وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اهو تاثر درست ناهي ته ججن دٻاءَ ۾ فيصلو ٻڌايو: اعتزاز احسن

لاهور (ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي سينيئر قانونداد اعتزاز احسن چيو آهي اهو تاثر نٿو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے