19 اربع , سيپٽمبر 2018

نيوز |ڪوٽڙي: پل تان پير ترڪڻ سبب پورهيت هيٺ ڪري فوت

ڪوٽڙي ۾ پل تان پير ترڪڻ سبب پنجاب واسي نوجوان پورهيت هيٺ ڪري فوت ٿي ويو.

ڦاٽڪ ڀرسان پل جي اڏاوتي ڪم دوران پير ترڪڻ سبب پنجاب واسي نوجوان پورهيت محمد اشرف فوت ٿي ويو.

ٻڌايو پيو وڃي ته پُل جي اڏاوت دوران پورهيت گارڊر مٿي چاڙهي رهيو هو، پير ترڪڻ سبب پورهيت هيٺ ڪري فوت ٿيو.

اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش بلاول ميڊيڪل ڪاليج آندو، جتي پوسٽ مارٽم بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

TandoBago

نيوز | ٽنڊي باگي ۾ سجاڳ ٻار تحريڪ جي سنڌو درياهه تي ڪالاباغ ڊئم ٺاهڻ سميت سنڌ دشمن منصوبن خلاف بک هڙتال

ٽنڊي باگي ۾ سجاڳ ٻار تحريڪ پاران سنڌ دشمن منصوبن خلاف بک هڙتال ڪئي وئي. …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے