23 آچر , سيپٽمبر 2018

نيوز |سکر: بچل شاھه جي رھواسي جتوئي برادري پاران بااثر بلڊر خلاف احتجاج

Sukkurسکر ۾ بچل شاھ جي  رھواسي جتوئي برادري پاران  بااثر بلڊر  جي زيادتين خلاف احتجاج ڪيو ويو.

جتوئي برادري دل مراد جتوئي ، محمد عيدن جتوئي ۽ ٻين  جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي هنن الزام مڙهيندي چيو تھ  ايئرپورٽ پوليس بااثر بلڊر جي چرچ تي سندن  ڳوٺ تي چڙھائي ڪري  هڪ مانحو کي کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي.

هنن چيو تھ پوليس بااثر جي چرچ تي سندن ماڻھن کي کنڀي گم ڪيو آھي جڏھن ته ڪجھه ماڻھن تي ڪوڙا ڪيس پڻ  داخل ڪيا ويا آھن.

مظاهرين چيو تھ  بااثر بلڊر جي  گارڊن جيوڻ جتوئي کي قتل ڪيو،  پوليس جوابدارن کي  گرفتار ڪرڻ بدران الٽو   کين  ماڻھن کي گرفتار ڪرائي  زمين تي قبضو ڪيو آھي.

ھنن اعلي اختيارين کان گھر ڪئي ته بااثر بلڊر خلاف قانوني ڪارروائي ڪري کين انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Dhabeji

نيوز | ڌاٻيجي : قتل ڪيس ۾ نامزد جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف وارثن ۽ سول سوسائٽي جو احتجاج

ڌاٻيجي  ۾ 5 مهينا اڳ نوشهروفيروز ۾ قتل ڪيل مڙس، زال ۽ ماءُ جي قتل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے