22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

نيوز |ٻھارا: درگاھه نور شاھه جيلاني ويجهو قدرتي مٺي پاڻي جو چشمو ظاهر

ٻھارا  ويجهو درگاھ نور شاھ جيلاني ويجهو  قدرتي مٺي پاڻي جو چشمو ظاهر ٿيو آهي، ماڻهو شفا خاطر پري پري کان اچي پاڻي ڀرڻ لڳا.

درگاھ نور شاھ جيلاني وٽ ڳوٺ اسماعيل پليجو جي  مين روڊ تي پيئڻ جي مٺي پاڻي جو قدرتي چشمو ظاهر ٿيو آھي جتي عوام پري پري کان قدرتي ڪرشمو ڏسڻ لاءِ پهچي ويا آهن .

مٺي پاڻي جو قدرتي چشمو ظاهر  ٿيڻ کان پوءِ   ماڻهو پري پري کان اچي پاڻي ڀرڻ لڳا، چشمي تي پاڻي ڀرڻ لاءِ  لائينون لڳي ويون.

مقامي ڳوٺاڻن جو چوڻ آھي ته  هنن هتي هينڊ پمپ لڳايا پر هتان  کارو پاڻي به نٿو نڪري ، پر  هتي قدرتي چشمو ظاهر ٿيڻ وڏو معجزو آهي.

هنن چيو تھ  هي مٺو پاڻي شفاءَ  وارو پاڻي آهي هر مرض لاءِ  ھي پاڻي واپرائي  سگهجي ٿو .

ڳوٺاڻن چيو تھ  قدرتي چشمي مان پري پري کان سون جي تعداد ۾ ماڻھو ڪرشمو ڏسڻ ۽ پاڻي ڀرڻ لاءِ پهتا آھن  جڏهن تھ رش وڌڻ ڪري ماڻھو قطارن جي صورت ۾ بيٺل آھن .

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | چمبڙ: عاشوري جي موقعي تي ماتمي جلوس ڪڍيو ويو

چمبڙ ۾  عاشوري جي موقعي تي مرڪزي ماتمي جلوس ڪڍي ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے