25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

نيوز |چوهڙ جمالي: ٽائون ڪاميٽي جي برطرف  ملازمن جي احتجاجي ريلي

چوهڙ جمالي  ۾ٽائون ڪاميٽي جي برطرف ڪيل ملازمن احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو.

ملازمن شريف سولنگي ، احسان سولنگي ، محمد ملاح ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪميونٽي هال کان شاهبندر پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو.

ان موقعي تي  چوهڙ جمالي ٽائون ڪاميٽي جي نيڪالي ڏنل ملازمن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو تھ نوڪرين مان فارغ ڪري ساڻن ظلم ڪيو ويو آهي.

هنن چيو تھ  روزگار کسجي وڃڻ کانپوءِ هو  گهر وارن سميت لنگهڻ ڪاٽڻ تي مجبور ٿي ويا آهن.

ملازمن  واٽر ڪميشن جي سربراھ امير هاني مسلم ۽ ٻين اختيارين کان مطالبو ڪيو تھ کين نوڪرين تي بحال ڪري  غريبن جي ٻچن کي بک مرڻ کان بچايو وڃي.

واضح رهي تھ واٽر ڪميشن جي سربراھ امير هاني مسلم جي نوٽيس بعد هائي ڪورٽ جي حڪم تحت سنڌ حڪومت سنڌ جي مختلف ٽائون ڪاميٽيز جيان چوهڙ جمالي ٽائون ڪاميٽي جي 60 ڪچن ملازمن کي فارغ ڪري ڇڏيو آھي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

NaoDero

نيوز | نئون ديرو: اڻڄاتل جوابدار دڪاندارن کي يرغمال بڻائي 40 هزار رپيا ڦري ويا

نئين ديري ۾ اڻڄاتل جوابدار دڪاندارن کي يرغمال بڻائي 40 هزار رپيا روڪ رقم ڦري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے