23 آچر , سيپٽمبر 2018

نيوز: بوزداروڏا: بااثر ماڻھون زمين تي قبضي ڪرڻ جي ڪوشش بعد وڻ ڪٽي فرار

Bozdar Wada: Protest against influential*بوزداروڏا ڀرسان ڳوٺ قادربخش سيال ۾بااثر ماڻھن زمين تي قبضي ڪرڻ جي ڪوشش بعد زمين ۾ پوکيل کجين جا وڻ ڪٽي فرار ٿي ويا.

سيال برادري جي ماڻھن رشيد علي سيال،  احسان سيال،  سليمان سيال ۽ ٻين  احتجاج  ڪرڻ کان پوءِ ميڊيا آڏو داهيندي چيو تھ  7  سال اڳ هنن  پنهنجي برادري جي شخص     قادربخش سيال کان 14 لک روپين ۾ خريد ڪئي هئي.

هنن الزام هڻندي چيو تھ   بااثر  هٿيارن جي زور تي سندن زمين ۾ پوکيل کجين جا وڻ وڍائي  ساڻن ظلم ڪيو آهي.

متاثرن داهيندي چيو تھ  بااثر  انتهائي نتيجا ڀوڳڻ سميت  موت مار ڌمڪيون پڻ ڏئي رهيو آهي، جڏهن تھ گذريل رات سندن  گهرن مٿان  فائرنگ پڻ ڪئي وئي ھئي.

  هنن چيو تھ واقعي جو اطلاع بوزدار وڏا پوليس کي  ڏنو پر هن وقت تائين ڪابھ ڪارروائي نھ ٿي آهي.

مظاهرين  ايس ايس پي  خيرپور کان مطالبو ڪيو تھ  بااثرن خلاف قانوني  ڪاروائي ڪري کين انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي…..

هي به ڏسي سگهو ٿا

NorthWaziristan7Martyred, , Thar, IGSindh, Badin, Khoski

رات يارهين وڳي وارو نيوز بليٽن / 2018-09-22

*اتر وزيرستان:فورسز جو آپريشن،9 دهشتگرد مارجي ويا، آفيسر سميت 7 اهلڪارشهيد *ٿر ۾ ڏڪاري حالتن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے