24 سومر , سيپٽمبر 2018

بالي ووڊ اداڪارارجن رامپال زخمي ٿي پيو، اسپتال داخل

Bollywood actress Arjun Rampal was injured and entered the hospitalممبئي(شوبز نيوز) باليووڊ اداڪار ارجن رامپال حادثي جو شڪار ٿي ويو جنهن جي ويڊيو هن انسٽاگرام تي شيئر ڪرائي. بالي ووڊ اداڪار ارجن رامپال انسٽاگرام تي هڪ ويڊيو شيئر ڪرائي جنهن ۾ سندس ٽنگ جو (ايم آر آءِ) ٿيندي نظر اچي رهيو آهي. اداڪار انسٽاگرام تي لکيوته سندس گوڏو ٽٽي پيو آهي هي وقت سندس لاءِ خراب وقت آهي اداڪار اهو نه ٻڌايو سندس گوڏو ڪيئن ٽٽو آهي.  ارجن رامپال فلم”ڪهاڻي ٽو“ جي عڪسبندي دوران به پنهنجو توازن برقرار نه رکي سگهيو ۽ گوڏي ڀر وڃي زمين تي ڪري پيو هو جنهن سبب تڏهن به سندس گوڏي تي سخت ڌڪ رسيو هو. واضح رهي ته جي پي دتا هدايتڪاري هيٺ ٺهندڙ فلم” پلٽن“ ۾ ارجن رامپال مرڪزي ڪردار ادا ڪري رهيو آهي جڏهن ته فلم 7 سپٽمبر تي ريليز ڪئي ويندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ٺگس آف هندوستان ۾ عامر خان فرنگي ملاح جي روپ ۾ نظر ايندو

ممبئي ( شوبز نيوز ) بالي ووڊ جي وڏي فلم” ٺگس آف هندوستان“ جو سڀني …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے