22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

ايشيا ڪپ لاءِ قومي ڪرڪيٽرن لاهور ۾  فٽنس ٽيسٽ جاري

The Indian Tests continued for the Asian Cup in Lahoreلاهور(اسپورٽس نيوز) ايشيا ڪپ کان اڳ تربيتي ڪيمپ جي پهرين ڏينهن رانديگرن جي فٽنس ٽيسٽ وٺڻ جو سلسلو جاري آهي. ڪيمپ جو ٻيو مرحلو قذافي اسٽيڊيم ۾ شروع ٿي ويو آهي، 10 سپٽمبر تائين جاري رهندڙ مشقن ۾ رانديگرن جي فٽنس ٽيسٽ ورتي ويندي جنهن بعد بيٽنگ، بالنگ ۽ فيلڊنگ بهتر بڻائڻ لاءِ مشقون ڪيون وينديون.ان کان اڳ آرمي فزيڪل ٽريننگ اسڪول ايبٽ آباد ۾ ٽن ڏينهن واري ڪيمپ 27 رڪني اسڪواڊ جي فزيڪل فٽنس بهتر بڻائڻ لاءِ مشقون ڪيون ويون، جنهن بعد پليئرن کي شارٽ لسٽ ڪندي ٻئي مرحلي لاءِ رانديگرن جو انگ 18 ڪيو ويو. لاهور ۾ شيڊول ڪيمپ لاءِ طلب ڪيل رانديگرن ۾ ڪپتان سرفراز احمد، شان مسعود، امام الحق، فخر زمان، محمد حفيظ، شعيب ملڪ، حارث سهيل، آصف علي، بابر اعظم، شاداب خان، محمد نواز، عماد وسيم، حسن علي، عثمان خان شنواري، محمد عامر، جنيد خان، شاهين شاهه آفريدي ۽  فهيم اشرف شامل آهن. ياد رهي ته ايشيا ڪپ 15 سپٽمبر کان گڏيل عرب امارتن ۾ شروع ٿي رهيو آهي، گرين شرٽس پنهنجو پهريون ميچ 16 سپٽمبر تي گروپ اي جي ڪوليفائر ٽيم خلاف کڏندي جڏهن ته 19 سپٽمبر تي روايتي مخالف ڀارت سان مقابلو رٿيل آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪوهلي جي نه هجڻ سان ڀارتي ٽيم تي فرق ضرور پوندو: سرفراز احمد

دبئي (اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد چيو آهي ته ورات ڪوهلي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے