23 آچر , سيپٽمبر 2018

ڪوليشن سپورٽ فنڊ جي معطلي پاڪستان سان سڪيورٽي سهڪار ختم ٿيڻ جو حصو آهي: پينٽاگون

واشنگٽن ( ويب ڊيسڪ ) پينٽاگون جي ترجمان چيو آهي ته پاڪستان سان سڪيورٽي سهڪار جي معطلي جو اعلان جنوري 2018ع ۾ ڪيو هو ۽ جنهن ۾ اتحادي سپورٽ فنڊ به شامل آهي. پينٽاگون جي ترجمان طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي 30 ڪروڙ ڊالر امداد رد ڪرڻ بابت اعلان نئون فيصلو يا نئون اعلان ناهي، اهو اعلان فنڊن جي نئين سر ترتيب لاءِ مدو ايڪسپائر ٿيڻ کان اڳ پهرين جولاءِ جي درخواست جي توثيق آهي. ترجمان چيو ته ڪوليشن سپورٽ فنڊ جي معطلي جي صورتحال برقرار آهي، پاڪستان سان سڪيورٽي سهڪار جي معطلي جو اعلان جنوري 2018ع ۾ ڪيو ويو هو، سڪيورٽي سهڪار رد ٿيڻ ۾ اتحادي سپورٽ فنڊ به شامل آهي ۽ 30 ڪروڙ ڊالر روڪڻ جي خبرن ۾ ڪيترين ئي شين کي حقيقت کان ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو ويو، فنڊ روڪڻ جي تازي خبرن سان ڪوليشن سپورٽ فنڊ جي تفصيلن کي بگاڙيو ويو. هن چيو ته آمريڪا جنوري کان پاڪستاني فوجي اختيارين سان اعليٰ ترين سطح تي رابطي ۾ آهي، آمريڪا ۽ پاڪستان سمورن دهشتگرد گروپن کي شڪست ڏيڻ لاءِ پرعزم آهن، پاڪستان ۽ آمريڪا افغانستان جو مستقبل پرامن هئڻ جو ويزن رکن ٿا.  هن چيو ته پاڪستان تي حقاني گروپ سميت سمورن دهشتگرد گروپن خلاف بنا فرق ڪارروائي لاءِ دٻاءُ وجهندا رهنداسين، طالبان قيادت کي ڳالهين جي ميز تي آڻڻ يا وري گرفتار ڪري بي دخل ڪرڻ لاءِ به پاڪستان تي دٻاءُ وجهندا رهنداسين.

هي به ڏسي سگهو ٿا

شاهه محمود قريشي گڏيل قومن ۾ ڪشميرين جي حق لاءِ آواز اٿاري: مشعال ملڪ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حريت اڳواڻ ياسين ملڪ جي گهرواري مشعال ملڪ چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے