21 جمعو , سيپٽمبر 2018

صدارتي چونڊ سڀاڻي ٿيندي، سموريون تياريون مڪمل

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) ملڪ جي 13 هين صدر لاءِ سڀاڻي رٿيل چونڊن لاءِ سموريون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن، اليڪشن ڪميشن ان سلسلي ۾ پارليامينٽ هائوس۽ چئني صوبي اسيمبلين ۾پولنگ اسٽيشنون قائم ڪري ڇڏيون آهن. قومي اسيمبلي جي ترجمان جو چوڻ آهي ته صدارتي چونڊن لاءِ پولنگ صبح 10 وڳي کان منجهند 4 وڳي تائين جاري رهندي ۽ ووٽنگ لاءِ قومي اسيمبلي ميمبرن کي ڪارڊ گڏ آڻڻو پوندو. اليڪشن ڪميشن پاران صدارتي چونڊن جي پولنگ لاءِ بيلٽ پيپرزن ۽ ٻيو سامان اسيمبلين ۾ پهچايو ويو آهي. صدارتي چونڊن لاءِ 3 اميدوار ميدان تي آهن ۽ بيلٽ پيپرز تي پ پ جي اميدوار اعتزاز احسن جو نالو پهرين نمبر تي موجود آهي جڏهن ته تحريڪ انصاف جي اميدوار ڊاڪٽر عارف علوي ٻي ۽ پنجن پارٽين جي گڏيل اميدوار مولانا فضل الرحمان جو نالو ٽئين نمبر تي آهي. صدارتي چونڊن لاءِ پولنگ سڀاڻي پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۽ سمورين صوبائي اسيمبلين ۾ ٿيندي. چيف اليڪشن ڪمشنر سردار محمد رضا صدارتي چونڊن لاءِ  رٽرنگ آفيسر آهي جڏهن ته چئني صوبن جي اسيمبلين ۾ هاءِ ڪورٽ جا چيف جسٽس ۽ سينيٽ توڙي  قومي اسيمبلين ۾اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جا چيف جسٽس پرزائيڊنگ آفيسر جون ذميواريون نڀائيندا. اليڪشن ڪميشن ووٽر لسٽون پرزائيڊنگ آفيسرن حوالي ڪري ڇڏيون آهن جنهن موجب سيينٽ، قومي اسيمبلي ۽ صوبائي اسيمبلين ۾ سيٽن جو تعداد 1174 آهي پر صدارتي چونڊن ۾ 1121 پارليامينٽ ميمبر ووٽ ڪري سگهندا جڏهن ته 53 سيٽون خالي آهن. خالي سيٽن ۾ سينيٽ جون 2، قومي اسيمبلي جون 12 ۽ صوبائي اسيمبلين جون 30 سيٽون شامل آهن جڏهن ته قومي ۽ صوبائي اسيمبلين  جي 9 سيٽن تي اڃا تائين ميمبر قسم نه کڻي سگهيا آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عرب، ڏکڻ ايشيا ۽ يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ عاشوري جو ڏينهن مذهبي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عرب ۽ ڏکڻ ايشيائي ملڪن سميت يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے