23 آچر , سيپٽمبر 2018

برازيل جي 200 سال پراڻي قومي ميوزيم ۾ باهه

Brazil fed in the 200-year-old National Museumسائوپولو(ويب ڊيسڪ) برازيل جي شهر ريوڊي جنيرو ۾ قائم ملڪ جي 200 سال قديم نيشنل ميوزيم ۾ باهه لڳي وئي، فائر فائٽر عمارت ۾ باهه تي ظابطوآڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. تفصيل موجب گذريل ڏينهن ريوڊي جنيرو ۾ قائم قديم ترين نيشنل ميوزيم جي بند ٿيڻ بعد اچتو باهه لڳي وئي جيڪا ڏسندي ئي ڏسندي سڄي عمارت کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو. عمارت ۾ لڳندڙ باهه تي قابو پائڻ لاءِ فائر فائٽر پوري ڪوشش ڪري رهيا آهن. نيشنل ميوزيم ۾ موجود قديم نوادرات جون ٻه ڪروڙ شيون شامل آهن. برازيل جي صدر مائيڪل ٽيمر سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي پيغام ۾ نيشنل ميوزيم ۾ باهه لڳڻ واري واقعي کي برازيل جي لاءِ افسوسناڪ ڏينهن قرار ڏنو آهي. ٻئي پاسي برازيل ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي نيشنل ميوزيم جي ڊائريڪٽر ان کي ثقافتي سانحو قرار ڏنو آهي. واضح رهي ته اها ميوزيم پرتگال جي شاهي خاندان جي رهائش گاهه هئي ۽ هلندڙ سال جي شروعات ۾ ان جي ٺهڻ جو 200 سالا جشن ملهايو ويو هو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

گڏيل قومون اسرائيلي ڌمڪين جو نوٽيس وٺن: ايران

تهران (ويب ڊيسڪ) ايران گڏيل قومن ۽ سيڪيورٽي ڪائونسل کان مطالبو ڪيو آهي ته اسرائيلي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے