19 اربع , سيپٽمبر 2018

نيوز: لاڙڪاڻو:  پوليس هيڊ ڪوارٽر  جي ڊي ايس پي پاڻ مٿان فائر ڪري آپگهات ڪري ڇڏيو

Larkana: DSP did suicide by firing on himself*لاڙڪاڻي  ۾ پوليس هيڊ ڪوارٽر  جي ڊي ايس پي سرڪاري پسٽل سان پاڻ مٿان فائر ڪري آپگهات ڪري ڇڏيو آهي.

ڊي ايس پي راجا اظهر محمود  سرڪاري پسٽل سان پاڻ کي لوندڙي ۾  گولي هڻي آپگهات ڪري ڇڏيو.

واقعي جو اطلاع ملڻ تي ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻو شبير سيٺار پوليس هيڊ ڪوارٽر ۾  واقعي واري هنڌ پهچي ويا.

ڊي ايس پي جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ چانڊڪا اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

 ٻڌايو پيو وڃي تھ  ڊي ايس پي راجا محمود گهرو پريشانين سبب آپگهات ڪيو آهي جڏهن تھ  آپگهات  ڪرڻ کان هڪ ڏينهن اڳ ڊي ايس پي پوليس هيڊڪوارٽر مان سرڪاري پسٽل پنهنجي نالي ڪرايو هو.

 ڊي ايس پي راجا اظهر محمود جي عمر40 سال ٻڌائي وڃي ٿي جيڪو ڪراچي سائوٿ سٽي جو رهائشي هو، ڏيڍ سال کان هو  لاڙڪاڻو پوليس هيڊ ڪوارٽر ۾  مقرر هو ………………..

هي به ڏسي سگهو ٿا

Dhabeji: Land occupied by influential

نيوز: ڌاٻيجي: تاريخي ماڳ ڀنڀور تي بااثر ڀوتارن۽ چونڊيل نمائندن  جو قبضو

*ڌاٻيجي ويجهو تاريخي ماڳ ڀنڀور تي بااثر ڀوتارن چونڊيل نمائندن سان ملي ڀڳت ڪري مبينا …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے