26 اربع , سيپٽمبر 2018

نيوز: ڏھرڪي: شهر ۾ گندگيءَ جا ڍير، گندگيءَ سبب ڪيترين ئي بيمارين منهن ڪڍيو، شهري پريشان

Daharki: Dirt over everywhere in daharki*ڏھرڪي شھر کي پئرس بڻائڻ جون دواعون ڪندڙ پيپلز پارٽي جي چيئرمن جي پت وائکي ٿي ويئي شھر گندگي جو ڍير بڻجي ويو .

وائيس چيئرمن جي چونڊ وارڊ ڏھرڪي جي ميان عبدالسميع پاڙي ۽  سينما روڊ  سميت   ٻين علائقن ۾ گندگيءَ جا  ڍير ٿي ويا آهن  جنهن سبب علائقي واسي عذاب واري زندگي گذارن تي مجبورآهن .

مٿي ڄاڻايل پاڙن ۾  شھر جو گند ڪچرو ، ڪاسائين جي گند ڪچري اوجھري ۽ مرغي  جي گند ڪچرو اڇلايو پيو وڃي  جنھن ڪري شھري ۽ علائقي واسي عذاب ۾ مبتلا آھن.

شهر ۾ گند ڪچري جي ڍير سبب مختلف قسمن جي بيمارين  خارش ، دست،  الٽين ۾ ٻار توڙي وڏا مرد وٺجي ويا آهن.

شهرين  ايڊوڪيٽ امداد ڪوڀر،  رفيق احمد  ۽ ٻين عوامي آواز ٽي وي نيوز  سان ڳالهائيندي چيو تھ   گندگيءَ سبب هو ٻٽي عذاب ۾ مبتلا ٿي ويا آهن.

 هنن چيو تھ  گندگي سبب ڪيترين ئي بيمارين  منهن ڪڍيو آهي جنهن ۾ ننڍڙا بار توڙا وڏا مبتلا ٿي ويا آهن.

شهرين چيو تھ    چيئرمن منير مھر کي صفائي لاءِ  بار بار چيو آھي تھ   پر  گندگي جو آزار ختم نھ ٿو ڪيو وڃي.

ھنن ڊي سي گھوٽڪي  کان مطالبو ڪيو تھ  معاملي جو نوٽيس وٺي شهر جي صفائي ڪرائي وڃي…………….

هي به ڏسي سگهو ٿا

Jhol

نيوز | جهول: سوئي سدرن گئس ٽيم پاران مختلف علائقن ۾ ڇاپا، غير قانوني گئس ڪنيڪشن ڪاٽا

جهول ۾ سوئي سدرن گئس ٽيم پاران شهر جي مختلف علائقن ۾ ڇاپا هڻي غير …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے