21 جمعو , سيپٽمبر 2018

رڳو سو ڏينهن منهنجا مٺا …..

امتياز  عالم

تبديليءَ جي جنهن راڳ جا ٻول اسان ڪيئي سالن کان ٻڌندا پيا اچون هاڻي ان تبديليءَ ۽ترقيءَ جو مڪمل سنگيت  نوڪر شاهيءَ جي مرڪزن ۾ ترتيب ڏنو پيو وڃي . اطلاعن موجب وزير اعظم هائوس جي ٻاهران هڪ تختي لڳائي وئي آهي جنهن تي لکيو ويو آهي، “وڌيڪ سو ڏينهن، انتظار ڪندا”،  جڏهن ته “ انقلابِ انصاف” جي متاثرن جي بيچيني ڏسڻ وٽان آهي جيڪي هر وقت انقلابي تجلين لاءِ بي چين آهي. هن وقت تائين ڪرپٽ سياستدانن جو احتساب پئي ٿيوجيڪو اڳ ئي وڏي پيئماني تي وڪرو ٿي چڪو آهي ۽ خيرن سان قانون جي حڪمرانيءَ جي حوالي سان جاري آهي. هاڻي رهيل ڪسر وري وزيراعظم ۽ گهرو وزير جا کاتا رکندڙ عمران جي هٿان پوري ٿي رهي آهي. 100 ڏينهن جي“ درد ڪهاڻي” جو داستان وري “ٽاسڪ فورسز” جي حوالي ڪيو ويو آهي ته پوءِ اسان جا ڊسٽرڪٽ مينيجمينٽ  گروپ  (DGM) جا هر فن مولا ڇا؟، ٿا ڪن. اسان جا ماڻهو به تمام گهڻا ساد آهن اميدن جي  آسري خوشخبريءَ جو انتظار ڪري رهيا آهن، خوش فهميءَ ۾ مبتلا رهڻ تي ڪنهن کي ڪهڙو اعتراض ٿي سگهي ٿو.

جتي ستر سال ترقيءَ جي ڏٽن تي گذاري ڇڏيا آهن اتي وڌيڪ سو ڏينهن به گذري ويندا. اسان جي تحريڪ انصاف جي “انصاف پسندن” ڏهه سال نعري بازيءَ ۾ گذاري ڇڏيا ايتري قدر جو هُنن مخالفن جون پڳڙيون به لاهي ورتيون. انهيءَ دوران ڪو هڪڙو ماڻهو به اهڙو پيدا نه ٿيو جيڪو گورنر هائوسز سميت ٻين نوآبادياتي ورثن جون ڀتيون ڪيرائي ڪو ڏهن صفحن جو نئون منصوبو ئي ڏئي ها. تحريڪ انصاف جو اڳواڻ ڪپتان پنهنجي حڪومت ۾ ايندي ئي اهڙن شاندار ورثن جي ڀتين کي ڪيرائيندي نظر اچي رهيو آهي. اهي ٻه سو ارب ڊالر جيڪي پرڏيهي بينڪن ۾ لڪل پيا آهن اهي به اک ڇهنڀ ۾ درآمد ڪيا ويندا. جن مان سو ارب رپيا قرض جي واپسيءَ لاءِ ڪتب ايندا ۽ سو ارب رپيا ملڪ جي ۽ عوام جي ترقياتي منصوبن تي خرچ ٿيندا. اها لٽيل دولت ته الائي ڪڏهن ملڪ ۾ واپس ايندي پر سوال هي آهي ته هاڻي جيڪا دولت لُٽي پئي وڃي جيڪا دهشت گردن جي ڪم به اچي رهي آهي ان کي ته روڪڻ جا بندوبست به نه پيا ٿين. ٻيون ڳالهيون ته پري جون آهن پر فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس ( FATF )   مني لانڊرنگ روڪڻ لاءِ جن اپائن کڻڻ جو مطالبو ڪيو آهي انهن بابت به اڃان ڪجهه نه ٿي سگهيو آهي.  فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس (FATF)  جا مطالبا اهڙا آهن جن تي جيڪڏهن عمل ٿي وڃي ته اهي پاڪستان کي گري لسٽ مان وائٽ لسٽ ۾ آڻڻ ۾ مدد ڪري سگهن ٿا. پر خواتين ۽ حضرات اوهان کي وڌيڪ “ سئو  ڏينهن” صبر ڪرڻو پوندو.

اوهان کي ياد هوندو ته هڪڙو انقلاب 1970ع جي چونڊن بعد به آيو هو جڏهن ذوالفقار علي ڀٽي هڪ تباهه ٿيل پاڪستان جون واڳون سنڀاليون هيون. ان پهرين سو ڏينهن ۾ ڇا ڇا نه ڪيو هو. جرنل يحى ۽ ان جي ٽولي کي برطرف ڪيو ويو، حمود الرحمان ڪميشن قائم ڪئي وئي، 22 سرمائيدار خاندانن جون هڪ هٽيون ختم ڪيون ويون ۽ سمورا وڏا بينڪ ۽ انشورنس ڪمپنيون ۽ وڏا وڏا ڪارخانه قومي ملڪيت ۾ ورتا ويا، زرعي سڌارن جو اعلان ڪيو ويو، ليبر سڌارا متعارف ڪرايا ويا،  نجي مشينري تعليمي ادارن کي قومي ملڪيت ۾ ورتو ويو، آئين سازيءَ جو آغاز ڪيو ويو، دولت مشترڪ جو طوق ڳلي مان لاهي ڦٽو ڪيو ويو ۽ عالمي سامراجي فوجي معاهدن کان علحدگيءَ جو اظهار ڪيو ويو، آزاد پرڏيهي پاليسي جوڙي وئي، ٽين دنيا ۽ مسلم دنيا جي اتحاد جون ڪوششون ڪيون ويون، هندستان کان 90 هزار فوجين کي پاڪستان آڻڻ لاءِ سفارتي عمل ۽ ڳالهين کي تيز ڪيو ويو ۽ مارشل لا جي جاءِ تي عبوري آئين کي لاڳو ڪيو ويو. نوڪر شاهيءَ جي ڇنڊ ڇاڻ ڪئي وئي ۽ مزدورن ڪارخانن جا انتظام سنڀالي ورتا. جڏهن ته ڪيئي هنڌن تي هارين زميندارن ۽ جاگيردارن کي بٽئي ڏيڻ کان به انڪار ڪري ڇڏيو. جيالن ڊپٽي ڪمشنرز ۽ ايس ايس پيز آفيسز تي عوامي ڪنٽرول سنڀالي ورتو. انهن مجموعي سرگرمين مان سڄي ملڪ ۾ عوام جي اقتدار ۾ شرڪت جا منظر هر لمحي سامهون اچي رهيا هيا. اهو پهريون موقعو هو جو ملڪ ۾ عوامي نمائندن کي اختيار مليا هيا ۽ ملڪ کي هڪ بااختيار وزير اعظم مليو هو جنهن ملڪ کي بلڪل هڪ نيئن رستي تي چاڙهي ڇڏيو هو. ( پوءِ ڇا، ٿيو ؟ غلطيون ٿينديون رهيون، قومي اتحاد جو  رد انقلاب ڇو آيو؟ ۽ عوامي انقلاب جو ڪيئن ۽ ڪهڙي نموني زوال آيو؟ اها هڪ الڳ ڪهاڻي آهي. ها پر ان جي خوني انجام کان اسان چڱي نموني واقف آهيون جو هڪ بوٽ پالش ڪندڙ جي شاهديءَ تي هڪ وزير اعظم جو عدالتي قتل ڪيو ويو).

وزير اعظم عمران خان به بينظير ڀٽو بعد هڪ مشهور وزير اعظم جي حيثيت ۾ سامهون اچي رهيو آهي. ان کي نواز شريف وانگر ٻه ڀاڱين ٽي جي اڪثريت ته حاصل نه آهي پر تنهن هوندي به رڪارڊ ووٽ مليا اٿس ۽ ان کي حاصل عوامي حمايت هن وقت عروج تي آهي. جنرل هيڊ ڪواٽرز ۾ان جو شاندار ۽ پرجوش خطاب تعريف جوڳو ۽ سندس شان وٽان هو. اسان جي دوست فواد چوڌري سپهه سالار جي انهيءَ خاطريءَ ته فوج به انتظاميا جو حصو ئي آهي جنهن جو آئيني ۽ انتظامي سربراهه عمران خان ئي آهي، تي ايترو خوش آهي جو ان به چئي ڏنو ته ملڪ جا سمورا ادار هڪ ئي “ پيج” ِ تي آهن. اها ڳالهه ٻڌڻ ۽ اهو منظر ڏسڻ لاءِ اسان جا ڪن ترسندا رهيا  ۽ اکيون انتظار ڪري جهڙوڪر پٿرائجي ويون. ڪاش جنهن ڪتاب جو ذڪر ڪيو ويو آهي اهو 1973ع  جو آئين ئي هجي. اهو اعزا وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽي بعد وزير اعظم عمران خان کي ئي نصيب ٿي رهيو آهي. نيب جو چيئرمين پڻ پرائم منسٽر جي دفتر ۾ حاضر ٿي چڪو آهي ۽ پاڻ وزير اعظم قانوني ۽ عدالتي سڌارن تي گذارشون پيش ڪرڻ لاءِ سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جي خدمت ۾ حاضر ٿيڻ جو ارادو رکي ٿو. ادارن وچ ۾ اهڙي ويجهڙائپ ڏسڻ لاءِ اکيون ترسي رهيون هيون. سگهارين ڌرين ( جيڪي اڻ چونڊيل آهن) ۽ هڪ مشهور وزير اعظم جي وچ ۾ اهڙي هڪ جهڙائي گذريل 40- سالن ۾ پهريون دفعو نظر آئي آهي. وري مٿان بابا شڪر گنج جون سوغاتون ۽ برڪتون آهن جيڪي خاتون اول جي طفيل وسي رهيون آهن. بابا فريد ڪهڙي نه شاندار ڳالهه ڪئي آهي.

یا فریدا، جو تو میرا ہو رہیں

سب جگ تیرا ہوئے

ها جيڪڏهن تبديلي آئي به آهي ته فقط ايتري جو هاڻي عمران خان مخالف ڌر ۾ نه پر اقتدار ۾ آهي. ان جا قول، واعدا، اعلان ۽ نئين پاڪستان جا سمورا آثار ۽ نشان هاڻي سندس لاءِ امتحان بڻجي ويا آهن. هر روز هڪ نئون انقلاب ڇا؟ اچڻو هو هاڻي ته هر روز هڪ نئون تماشو ٿي رهيو آهي.اڃان تائين ته وزير اعظم جي سفر جو معاملو به حل ٿي نه سگهيو آهي ويچارو وزير اعظم جيڪڏهن روڊ رستي سفر ڪري ته پروٽول ۽ سيڪيورٽيءَ جو مسئلو ۽ جيڪڏهن 55 رپيا في ايروناٽيڪل ميل سفر ڪري ته مذاق بڻجي وڃي، ڪابينا جوڙي ته صاف سٿرا ماڻهو ڪٿان کڻي آڻي، ۽ وري جي اتحادين مان بدنام ماڻهو شامل ڪري ته مصيبت. جيڪڏهن آفيسرن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪري ته اها ئي ڊي ايم جي گروپ جي شاهي، قومي وقار کي بچائي ته آمريڪي ٽيپ موجود، پاڪ پتن ۾ جيڪڏهن هڪ عياش ايس ايس پي کي فارغ ڪري ته وڏو وزير خطري ۾، سرائڪي علائقي مان هڪ سردار کي چونڊي يا سوات مان پهريون دفعو ڪنهن کي وڏو وزير بڻائي ته ان جي چونڊ تي اعتراض. جيڪڏهن سادگي اختيار ڪري ته مٿس ڪيئي قسمن جا لطيفا ٺاهيا وڃن. اڙي بابا وزير اعظم کي ڪم به ڪرڻ ڏيو اڃان ته ان روڊ ميپ به نه ٺاهيو آهي، اوهان جي تنقيد ته ٺهي ئي نه ٿي. باقي رڳو مانيڪا ڪيس ۽ هيلي ڪاپٽر جو معاملو ۽ اهڙيون ٻيون ڪي فطني بازيون رهجي وڃن ٿيون. ميڊيا ان ۾ مصروف رهي ۽ اسان جا اعلى آفيسر “ اسٽيٽس ڪو”، کي ٽوڙڻ ۽ تبديليءَ جو روڊ ميپ تيار ڪرڻ ۾ مگن رهن. پوءِ ڏسنداسين ته تبديليءَ جي ٽوڪريءَ مان ڇا ٿو نڪري. فقط 100 ڏينهن منهنجا مٺا، رڳو 100 ڏينهن وڌيڪ.

هي به ڏسي سگهو ٿا

جهونو جوڳي ۽ ڪرنٽ افيئر

يار محمد شاهه ڪامريڊ سليم سنگت کي سمجهائيندي چيو ته “اڄ نائين محرم آهي ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے