22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

عمران خان لاءِ  نئون پاڪستان آسان ناهي

غلام مصطفيٰ جمالي

آزادي کان پوءِ پهرئين ڏهاڪي جي جائزي کان سواءِ پاڪستان جو مفهوم پورو ناهي. اهو ڏهاڪو چونڊيل ۽ غير چونڊيل نمائندن جي وچ ۾ طاقت جي منتقل ٿيندڙ برابري جو دور هو. ان سلسلي ۾ مرڪزي حيثيت عالمي، سياسي ۽ معاشي نظام کي حاصل هئي، جيڪا پاڪستاني ڪائونسل ۾ مقامي فڪرکي بيان ڪرڻ ۾ اثر انداز ٿيندي رهي“. اهي لفظ اسانجي دور جي مشهور ماهر تعليم ۽ محقق، ڊاڪٽر عائشا جلال جي ٻه ڏهاڪا اڳ شايع ٿيل ڪتاب، مان ورتل آهن. اڄ جي پاڪستاني سياست جو مطالعو به ايترو ئي روڪيل آهي جيترو اسانجي تاريخ جو فيصلو ڪرڻ واري مرحلي جو (1948/58) جڏهن پاڪستان جي وجود جي خيالن کي عملي شڪل ڏيڻ جي لاءِ گھڻو ڪجھه ڪري سگهجي پيو. پر اسان اهو موقعو وڃائي ڇڏيو. اڃا تائين ان نقصان جو ازالو ناهي ٿي سگهيو. اسانجي سياسي، سماجي ۽ معاشي زندگي ان دور جي گرفت ۾ آهي.

ٻين معاملن کان علاوه ڊاڪٽر عائشه جو مقالو قابض ٿيڻ جي مرحلي ۽ حقيقي فوجي مداخلت جي وچ ۾ داخل ٿيندي ان روايتي خيال (جيڪو اڄ به گھڻو مقبول آهي) کي رد ڪري ٿو جيڪو سياسي تنظيمن جي ڪمزوري، ٻين قوتن کي ان جي جاءِ والارڻ جو موقعو فراهم ڪري ٿو. ڊاڪٽر صاحبه جي تحقيق اهو ظاهر ڪري ٿي ته ڪيئن عالمي مفاد مقامي حقيقتن تي اثر انداز ٿيندا آهن ۽ ڪهڙي نموني اهو اثر پاڪستان جي سياست کي متاثر ڪندو رهيو آهي. اها ڳالهه اڄ جي پاڪستان تي به لاڳو ٿئي ٿي. هتي داخلي سياسي انتشار، افراتفري ۽ غير يقيني جو تعلق علائقائي ۽ عالمي واقعن سان جڙيل آهي. اسان ڏسي سگھون ٿا ته ان قسم جا عمل ملڪ کي عملي طور تي مارشل لا ڏانهن ڌڪي رهيا آهن. پاناما انتهائي جوڊيشل فعاليت ۽ سياستدانن جي غير ضروري واويلا جي ڪري عوام جي ذهنن کي مصروف، بلڪه مفلوج ڪري ويٺو آهي. ان دوران ڪجهه وڏيون حقيقتون ٻڌڻ ۾ اينديون آهن، جي داخلي انتشار ۽ افراتفري جو خاڪو مڪمل ڪرڻو هجي ته انهن حقيقتن کي نظر انداز نٿو ڪري سگھجي.

قومي سياست جي الف ليليٰ جي رازن تان پردو کڻڻ جي لاءِ ٻاهرين معاملن جي ڳولها ڪرڻ ضروري آهي. پاڪستان تي اثر انداز ٿيندڙ انهن معاملن ۾ عرب دوستن جو ڪردار اڳ کان اهم آهي. عرب رياستن جي گروپ ۽ ايران جي وچ ۾ ڦهلجندڙ سرد جنگ جا اثرات هاڻي گھڻي حد تائين نمايان ٿي ويا آهن. سعودي ولي عهد دنيا جو هنگامي دورو ڪندي نه رڳو پنهنجي ملڪ جو نئون اميج پيش ڪيو ، بلڪه دوستن ۽ دشمنن جي فهرست به ميز تي رکي ڇڏي.ان جو عالمي دورو ان ڳالهه کي واضح ٿو ڪري ته ايندڙ ڏهاڪن ۾ پنهنجي ملڪ کي ڪهڙي مقام تي ٿا ڏسن ۽ انهن جي توپن جو رخ ڪهڙي پاسي هوندو. هڪ ڳالهه طئي آهي ته سعودي عرب ايران دشمن ۽ اسرائيل دوست آهي. ان نموني آمريڪا به دوست آهي. ترڪي جي حيثيت بيان ڪرڻ باقي آهي. گڏيل عرب امارات جو ڪردار ان واضح ٿيندڙ حالتن ۾ تمام فعال آهي. ان جا عملي قدم گھڻو ڪجهه ٻڌائي رهيا آهن. هو سعودي عرب سان گڏ بلڪه ڪجهه معاملن ۾ ان کان به ٻه قدم اڳتي بيٺل نظر اچي ٿو.

ٽرمپ آمريڪي جنگ باز ، جان بولٽن کي قومي حفاظتي جي صلاحڪار واري اهم عهدي تي مقرر ڪرڻ پنهنجي اوليتن جو اعلان ڪرڻ جي برابر آهي. هاڻي اها ڳالهه اڻٽر آهي ته ايران تي پوندڙ دٻاءُ کي سعودي عرب ، يو اَي اِي ۽ خليج ۾ نظر ايندڙ عام خيالن کي ڀرپور حمايت حاصل ٿيندي. ان جو ايندڙ هدف ايران هوندو.

سعودي ۽ پاڪستان جو نئون تعلق ملڪ ۾ امداد ۽ پئسي جي قيمت کي يقيني بڻائي ٿو پر اهو معاهدو شرطن تي ٻڌل آهي. ان  لاءِ اسان کي سعودي عرب، يو اَي اِي ۽ خليج ۾ ٿيندڙ ترقي ۾ پوري توانائي ۽ جذبي سان شريڪ ٿيڻو پوندو. اهو پاڪستان جي لاءِ انتهائي اهم ۽ مشڪل فيصلو هوندو. ڇا هو ان تي پارليامينٽ ۾ کليل بحث ڪري سگھن ٿا؟ ڇا اسانجو ملڪ وچ اوڀر جي ڌٻڻ ۾ پير رکڻ ۾ سست ٿي سگھي ٿو؟ ڇا هو ايئن ڪندي غير جانبداري جو ڀرم قائم رکي سگھي ٿو؟ ڇا سندس معاشري کي فرقي پرستي تباهه نه ڪري ڇڏيندي؟ ڇا سياسي قيادت، جن کي پنهنجي تڪ جو به خيال رکڻو هوندو آهي، پهريان ئي ڪيل واعدن ۽ معاهدن کي پنهنجي ذمي کڻي سگھندا؟ ڪڏهن به نه.

رياستن جي وچ ۾ ٿيل معاهدن کي چونڊيل نمائندن جي ذريعي پورو ڪرڻ موجوده آمريڪي انتظاميا جي به اوليت آهي. اها انتظاميا پاڪستان جي سامهون ڏکيا چيلينج به رکي رهي آهي ۽ کيس موقعا به مُهيا ڪري رهي آهي، ته هو افعانستان ۽ ڀارت سان پنهنجا معاملا حل ڪري. ٽرمپ انتظاميا بهتر سعودي جي مخالف ناهي. ان سلسلي ۾ اتر ڪوريا جو مثال سامهون آهي. هاڻي آمريڪا چاهي ٿو ته افعانستان ۾ ٿيندڙ تشدد کي ڪنهن حد تائين قابل برداشت سطح تي پهچائجي، ڀلي اتان جي تعصب پرستي ۽ افراتفري جو خاتمو نه به ٿئي.ان عمل ۾ پاڪستان اهميت رکي ٿو. جيڪڏهن پاڪستان افعانستان ۾ آمريڪي مسئلن ۾ گھٽتائي آڻي سگھي ٿو ته هو واشنگٽن تي لائن آف ڪنٽرول ۽ ورڪنگ بائونڊري تي پوندڙ دٻاءُ ۽ افغانستان ۾ دهشتگردن جون پناهه گاهون ختم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگھي ٿو.

افعانستان ۾ ٿيندڙ ترقي اهم آهي، ٿي سگھي ٿو اڳتي هلي نئين دهلي ۽ اسلام آباد ميز تي ويهي سگھن. ان معاهدي جون شروعاتي علامتون دلچسپي کان خالي ناهن. جڏهن کان افغانستان ۾ امن امان جي لاءِ ڪوششون شروع ٿيون آهن . لائن آف ڪنٽرول تي دٻاءُ ۾ گھٽتائي آئي آهي. جيڪڏهن توهان غور ناهي ڪيو ته ڪا ڳالهه ناهي، گذريل هڪ مهيني کان لائن آف ڪنٽرول تي خاموشي آهي. وزيراعظم جو ڪابل جو دورو ۽ آمريڪي مهمانن جي پاڪستان آمد افغانستان ۾ ٿيندڙ ڊيل جون علامتون آهن. اها ڳالهه دلچسپ آهي ته چين جا پاڪستان ۾ معاشي مفاد به ون ونڊو آپريشن وانگر آهن. انهن جا پاڪستان ۾ ڳرا مالي مفاد آهن. هو ڄاڻن ٿا ته معاشي ترقي لاءِ سياسي پختگي ضروري آهي. انهن وٽ نه وقت آهي نه ئي وري هو ايئن ڪرڻ ٿا چاهن ته سي پيڪ ۾ موجود لکين مسئلن جي نشاندهي ڪري ۽ انهن جي مبينا خامين جو جواب ڏيندا رهن.اهو جمهوري نظام جيڪو سندن منصوبن جي راهه ۾ غير ضروري رڪاوٽ پيدا ڪري، اهو هنن کي پسند نه هوندو. هو پنهنجو ڪم ڪرڻ چاهين ٿا. انهن کي نظامن سان ڪو به واسطو ناهي.

تنهنڪري ٻاهرين ملڪن جي مسئلن جو دٻاءُ پاڪستان جي داخلي طاقتن جي برابري جي لاءِ سهي ناهي. اسانجي تاريخ شاهد آهي ته جڏهن به طاقتور علاقائي ۽ عالمي قوتن جو ٽڪراءُ ٿيندو آهي ته ان جي نتيجي ۾ سدائين سولين حڪومت ڪمزورا ٿيندي آهي . ۽ اڻ چونڊيل ڌريون توانائي حاصل ڪنديون آهن. ايوب خان ۽ مشرف جي دور ۾ انهن جي ماتحت هيٺ وجود ۾ ايندڙ سولين نظام رڳو داخلي حقيقتن جو نتيجو نه هو پر اهو عالمي نظام جي پيداوار هو.جنهن ملڪ ۾ هڪ مخصوص قسم جو نظام ضروري هوندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڊيم جا متبادل

سنڌيڪار: انجنئير موهن ٺاڪر "پيٽرڪ مکولي، جيڪو برطانيا جي  بين الاقوامي درياهن جي هڪ نيٽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے