21 جمعو , سيپٽمبر 2018

مهاجر سياست هجرت کان هٿيار تائين

 واحد خاصخيلي

1843ع ۾ جڏهن برطانوي فوج هن خطي کي چڙهائي ڪري فتح ڪيو تڏهن ڪراچي جي شهر جي آبادي صرف 14 هزار ماڻهن تي مشتمل هئي اٽڪل 98 سالن کانپوءِ 1941ع ۾ ٿيندڙ آدم شماري مطابق ڪراچي جي آبادي 3,86,650 ٿي ويئي. ورهاڱي کانپوءِ پاڪستان جي پهرين آدم شماري 1951 ۾ ٿي جنهن جي انگن اکرن مطابق ڪراچي جي آبادي 10,68,590 تي وڃي پهتي مطلب 10 سالن ۾ 176 سيڪڙو واڌارو آيو جنهن جو وڏو ڪارڻ هجرت هو. 1970ع تائين ڪراچي ۾ آبادي ۾ واڌري جي شرح 8 سيڪڙو ساليانو رهي ۽ اڄ ڪراچي جي آبادي ٻن ڪروڙن تائين وڃي پهتي آهي، 1947ع جي ورهاڱي کانپوءِ مذهب جي نالي تي ٿيل اها لڏپلاڻ 1940ع جي قرارداد جي بلڪل ابتڙ هئي، 10 لک مهاجرن جو پاڪستان ڏانهن هجرت ڪرڻ ۽ ڪروڙ کان مٿي اردو ڳالهائيندڙ مسلمانن جو ڀارت ۾ ترسي پوءِڻ پنهنجي جنم ڀومي کي نه ڇڏڻ، پنهنجي پاڻ ۾ خود هڪ سوال آهي ان کان به وڏو سوال اهو آهي ته ڇا هندستان ۾ رهندڙ اردو ڳالهائيندڙ به پاڻ کي مهاجر سڏرائن ٿا؟ هن ڳالهه کي سولي نموني هينئن سمجهجي ته جن وٽ ججهي مال ۽ ملڪيت هئي انهن پنهنجي جنم ڀومي نه ڇڏي باقي جيڪي ڪنگلا هئا اُهي رلي ڪلهي تي رکي اچي پاڪستان ڀيڙا ٿيا ۽ وڏين ملڪيتن جا ڪليم داخل ڪرايائون ۽ اصلوڪن سنڌي رهاڪن کي پنهنجي جنم ڀومي ڇڏڻ تي مجبور ڪري انهن جي ملڪيتن تي قبضا ڪيائون…. گرومندر، رام باغ، هاڻوڪو آرام باغ، صدر، گارڊن، رنڇوڙ لاءِئن، رام سوامي سميت ڪيترن ئي هنڌن تي ٺهيل عمارتون اڄ به اصلوڪن ماڻهن جون منتظر آهن اڄ به انهن عمارتن جي بالڪنين جي ڄارين تي اوم جهڙا هنڌي لفظ اڪريل آهن.

جيئن ته سنڌ سنتن ساڌوئن ۽ صوفين جي سرزمين آهي…. سنڌ ڌرتي جا ماڻهو امن پسند ۽ پيار سان رهڻ وارن مان آهن ان جو وڏو ثبوت اهو آهي ته هن وقت پوري دنيا دهشتگردي جي لپيٽ ۾ آهي پر اڄ تائين ڪوبه سنڌي خودڪش بمبار يا دهشتگرد نه مليو آهي. پر بدقسمتي سان ورهاڱي کانپوءِ سنڌ جي گادي واري هنڌ ڪراچي ۾ رت جي راند شروع ٿي…. جيڪڏهن تاريخ جا ورق اٿلائجن ته خبر پوندي ته سنڌ ۾ دهشگردي جي شروعات 1947ع کان ٿي جڏهن هندستان کان لڏي آيل مهاجرن سنڌ جي مستقل ۽ اصلوڪن رهواسين کي مذهب جي بنياد تي مارڻ شروع ڪيو. ان کانپوءِ سنڌ ۾ 1972ع ۾ سنڌي ٻولي کي سرڪاري ٻولي قرار ڏيڻ واري بل جي بحال ٿيڻ خلاف فساد ڪيا ويا سرڪاري انگ اکر ٻڌائن ٿا ته 7 جولاءِ کان 7 آگسٽ 1972ع تائين 42 ماڻهن کي ماريو ويو. انهي دوران جڏهن سنڌ جي تعليم کاتي جي ڊائريڪٽر پبلڪ انسٽرڪشن علامه دائود پوٽي هڪ سرڪيولر جاري ڪيو ته هندستان کان آيل اردو ڳالهائيندڙ ٻارن لاءِ سنڌي لازمي قرار ڏجي ٿي ۽ سنڌي ٻارن لاءِ اردو پڙهڻ لازمي هوندو. مهاجرن ان جو سخت رد عمل ظاهر ڪيو ۽ حيدرآباد جي هڪ نام نهاد ليڊر حافظ مبارڪ علي شاهه عيدگاهه ميدان حيدرآباد ۾ اردو ڳالهائيندڙن جو هڪ جلسو ڪوٺايو ان جلسي ۾ هن شر انگيز ۽ چڙ ڏياريندڙ تقرير ڪئي، چيائون ته هندستان کان آيل ٻار ڪافر راجا ڏاهر جي زبان نه پڙهندا. ان تقرير حيدرآباد کي رت ۾ وهنجاري ڇڏيو.

تاريخ جي پنن تي نظر ڊوڙائجي ته خبر پوءِندي پناهگيرن جي قيادت هميشه اسٽيبلشمينٽ جي حامي ۽ دلاءِل رهي آهي ۽ اهو سلسلو لياقت علي خان کان شروع ٿي الطاف حسين تائين پهچي ٿو. ون يونٽ جي تحريڪ خلاف انهن ”مهاجر، پنجابي، پٺاڻ متحده محاذ ٺاهيو“ سنڌ ۽ سنڌين کان بلڪل الڳ ٿي بيٺا. ڊسمبر 1971ع ۾ پاڪستان جي ٽٽڻ بنگلا ديش جي وجود ۾ اچڻ واري المناڪ سانحي ۽ سنڌو ديش جي نعري انهن کي هڪ نئين واٽ ڏيکاري ۽ انهن جي ذهن ۾ ٻولي، الڳ سياسي نظريئي ۽ ڌار سڃاڻپ جو جنون چڙهيو ۽ اهي اسٽيبلشمينٽ جي وڌيڪ ويجهو ٿيڻ لڳا. 1977ع ان سال جمهوريت کي ختم ڪرڻ لاءِ 9 ستاري اتحاد جڙيو، سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي کي ايجيٽيشن جو مرڪز بڻايو ويو انهن مهاجرن ان ۾ ڀرپوءِر حصو ورتو. ضياءَ آمريت خلاف 1983ع کان 1986ع تائين ايم آر ڊي يعني جمهوريت جي بحالي واري تحريڪ جنهن ۾ لاءِکاٽ، کيسانه موري ۽ دادو سميت سڄي سنڌ ۾ فوج هٿين خالي سنڌين تي گوليون وسآءِ رهي هئي، تڏهن مهاجر بلڪل الڳ بيٺل نظر آيا.

تاريخ جي ورقن تان جڏهن ڌوڙ هٽآءِ غور سان ڏسبو ته رت ئي رت نظر ايندو. 1985ع جتي ڪراچي ۾ هڪ شاگردياڻي بشريٰ زيدي جي بس حادثي ۾ موت انهن جي مڪروهه ارادن ۽ چهرن تان پردا هٽآءِ ڇڏيا، غور سان انگن اکرن جو جائزو وٺون ته خبر پوءِندي ته 1980ع کان 1985ع تائين ڪراچي شهر ۾ مني بسن جا 1459 حادثا ٿيا جن ۾ مجموعي طور تي 821 ماڻهو فوت ٿيا. 1985 جا انگ اکر ٻڌائن ٿا ته انهي سال 285 حادثا پيش آيا جن ۾ 216 ماڻهو ماريا ويا ته پوءِ بشريٰ زيدي ڪيس کي بنياد بڻائي ڪراچي ۾ لساني فسادن جو اڻ کٽ سلسلو شروع ٿيو. جنهن جا سبب معلوم ڪرڻ لاءِ محمد خان جوڻيجي جي حڪومت کي وفاقي وزير جي سيڪريٽري مسعود الزمان جي سربراهي ۾ ڪميشن جوڙڻو پيو. هن ڪميشن جا 3 ميمبر هئا وفاقي سيڪريٽري پلاءِننگ ۽ ترقي ڊاڪٽر معين الدين بقآءِ، ميمبر وفاقي انسپيڪشن ٽيم ڊاڪٽر ايم ايم حسن ۽ گهرو معاملن وارو صوبائي سيڪريٽري پرويز احمد بٽ شامل هئا. جڏهن ته ضياءُ الاسلام جيڪو ڪمشنر به رهي چڪو آهي تنهن ڪميشن جي سيڪريٽري جا فرائض انجام ڏنا ڪميشن جي رپوءِرٽ اڄ به سرڪاري المارين جي زينت بڻيل آهي.

سنڌ ۾ نسلي ۽ ٻُولي وارا فساد:

جيئن ته اڳ ۾ به چئي چڪا آهيون ته امن ۽ ڀآءِچاري واري ڌرتي جي مهمان نواز اصلوڪن رهاڪن هجرت جي عمل دوران ئي پنهنجي پٺي تي وار سهڻ شروع ڪيا انهن پهرين دهشتگردي مذهب جي بنياد تي ڪيئي ۽ ڪيترن ئي هندن جي ملڪيتن قبضا ڪري انهن کي يا ته قتل ڪيو يا انهن کي پنهنجي ڌرتي ۽ اجها ڇڏي لڏپلاڻ تي مجبور ڪيو. ٻولي وارن فسادن جو به ذڪر ڪري آيا آهيون. 1985ع کان ايم ڪيو ايم جي دهشتگردي جو دور شروع ٿيو جنهن جي انتها 1990 ۾ ڏسڻ ۾ آئي جنهن ۾ نه رڳو سنڌين کي ماريو ويو پر ڪيترين ئي سنڌي عورتن کي بي آبرو ڪيو ويو، سندن ٿڻ وڍيا ويا، انهن جي ڇاٿين ۽ سٿرن تي گرم لوهه سان ايم ڪيو ايم جون مهرون هنيون. نوجوانن جا جسم ڊرل مشينن سان پروڻ ڪيا ويا. 1985ع کان 1990ع تائين ڪراچي ۽ حيدرآباد مان 40 جي لڳ ڀڳ سنڌي ڪٽنب لڏپلاڻ ڪري چڪا هئا، تاريخ ٻڌآءِ ٿي ته صرف حيدرآباد مان اڍائي هزار سنڌي ڪٽنب گهر گهاٽ ڇڏي ڀڳا. پڪي قلعي کان عامل ڪالوني تائين 63 پاڙن مان هٿيارن جي زور تي گهر خالي ڪرايا ويا. 1972ع کان 1990ع تائين يعني ٻولي وارن فسادن کان وٺي 1990ع تائين سنڌين جا دڪان ۽ ڪاروبار سراسري طور تي چار ڀيرا سڙيا ۽ ڦريا ويا ۽ 200 سنڌين جو ڪاروبار مڪمل طور تي تباهه ٿي ويو. 1985ع کان 1990 تائين سنڌ ۾ ٿيل فسادن جو انگ سئو کان مٿي آهي. جن ۾ 25 فساد ايم ڪيو ايم طرفان سنڌين پنجابين ۽ پٺاڻن سان ڪيا ويا. ڊسمبر 1988ع کان وٺي آگسٽ 1990ع تائين ايم ڪيو ايم پيپلز پارٽي سان ٽڪراءُ ۾ اچي 12 خوني فساد ڪرايا جن ۾ 6 اپريل 1989 تي حيدرآباد ۾ 22 ماڻهو ماريا ويا، 7 فيبروري 1990ع تي ڪراچي ۾ ٿيل فساد ۾ 72 ماڻهو ماريا ويا 14 کان 28 مئي 1990ع تائين حيدرآباد ۾ 81 ماڻهو ماريا ويا. ڪراچي ۾ 27 ۽ 28 مئي 1990ع تي 56 ماڻهو قتل ڪيا ويا. 29 مئي کان پهرين جون 1990ع تائين وڌيڪ 116 ماڻهو قتل ڪيا ويا. حيدرآباد انتظاميا جو سرڪاري ريڪارڊ ٻڌآءِ ٿو، انهي عرصي ۾ ڦرلٽ ۽ نقصان جون 3239 رپورٽس داخل ٿيون جن مان رڳو سٽي ٿاڻي تي 1692 رپورٽس داخل ٿيون. مارڪيٽ ٿاڻي تي 202، لطيف آباد ٿاڻي تي 1340 ۽ ڇانوڻي ٿاڻي تي 73 ايف آءِ آرز اخل ٿيون. واضح رهي ته اهي رپورٽس 14 مئي کان 24 مئي 1990ع تائين داخل ٿيون. ڪراچي ۾ پي ايس ايف جي نوجوانن کي هٿ پير ٻڌي زندهه ساڙيو ويو. قتل ڪيو ويو ۽ اغوا ڪيو ويو. اغوا ٿيلن کي بعد ۾ ڪور هيڊ ڪوارٽر 5 ڪراچي ۾ واپس ڪيو ويو.

تاريخ ٻڌآءِ ته 8 آگسٽ 1986ع تي ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم جو پهريون عام جلسو منعقد ٿيو. جنهن ۾ پهريون ڀيرو هٿيارن جي ڀرپور نمائش ڪئي ويئي ۽ پنجابين ۽ پٺاڻن خلاف زهر اوڳاڇيو ويو. ايم ڪيو ايم ٻيو جلسو حيدرآباد ۾ ڪرڻ جو اعلان ڪيو 31 آڪٽوبر 1986ع تي ايم ڪيو ايم جو قافلو ڪراچي کان حيدرآباد لاءِ روانو ٿيو ۽ ٻن پهرن جو ساڍي ٻارهين وڳي سهراب ڳوٺ وٽ قافلي تي حملو ٿيو جنهن ۾ مهاجر پٺاڻ فساد شروع ٿيا ۽ صرف هڪ ڏينهن ۾ 100 کان وڌيڪ ماڻهن کي قتل ڪيو ويو 16 ڊسمبر 1986ع تي اورنگي جي علائقي علي ڳڙهه ڪالوني ۾ صرف ڪجهه ڪلاءِڪن ۾ اهڙي ته رت جي هولي کيڏي ويئي جو عورتن ۽ ٻارن سميت 156 ماڻهن کي انتهائي بي دردي ۽ سفاڪي سان قتل ڪيو ويو.

23 جنوري 1987ع تي الطاف حسين ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪئي ۽ ٻي ڏينهن ڪراچي جي گهٽين ۾ هينڊ بل ورهايا ”مهاجرو ٽي وي ۽ وي سي آر وڪڻو- ڪلاشنڪوف خريد ڪيو“ تنهن کانپوءِ ايم ڪيو ايم جو ٽڪراءُ هڪ تنظيم ”پي پي آءِ“ پنجابي پختون اتحاد سان ٿيو ۽ ڪراچي لساني فسادن جي ور چڙهي ويو ۽ خرچ پورو ڪرڻ لاءِ ايم ڪيو ايم ڀتو وٺڻ ۽ ڀنگ لاءِ اغوا جو سلسلو شروع ڪيو. ڀتي واري معاملي تي پي پي آءِ ۽ پيپلز پارٽي جي ذيلي شاگرد تنظيم پي ايس ايف سان ٽڪرا روز جو معمول هو. پي پي آءِ جو واحد سنڌ اسيمبلي ميمبر عرفان الله مروت، ان وقت جي صدر غلاءِم اسحاق خان جو ڄاٽو هو. ايم ڪيو ايم طرفان هٿيارن جي خريد ڪرڻ ۽ ورهائڻ، ٽارچر سيلن جو قيام ۽ نجي جيل قائم ڪرڻ جهڙا عمل زور تي هئا.

7 جولاءِ 1989ع تي ڪراچي يونيورسٽي ۾ پي ايس ايف جي چئن ڪارڪنن کي ايم ڪيو ايم ڏاڍي بي دردي سان قتل ڪيو. تنهن کانپوءِ پي ايس ايف سان تعلق رکندڙ مهاجر نوجوانن جي اغوا بعد ٽارچر سيلن ۾ قتل معمول بڻجي ويو ۽ نيٺ انهن فسادن 26 فيبروري 1990ع تي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه کي فارغ ڪيو ويو ۽ آفتاب شعبان ميراڻي نئون وڏو وزير  بڻيو ۽ نيٺ پي پي حڪومت ختم ٿي نگران حڪومت جڙي ڄام صادق علي منظر عام تي آيو ۽ نيٺ فوج کي ڪراچي ۾ امن بحال ڪرڻ لاءِ دعوت ڏيڻي پئي ۽ ڪرفيو جا سلسلاءِ شروع ٿيا ۽ ايم ڪيو ايم ۾ بغاوت پئجي ويئي، ڄام صادق جي مهرباني سان ايم ڪيو ايم ٻن حصن ۾ ورهائجي ويئي آفاق احمد ۽ عامر خان ايم ڪيو ايم حقيقي جا اڳواڻ بڻجي ويا ۽ الطاف حسين کي ڄام صادق علي لنڊن روانو ڪري ڇڏيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

جهونو جوڳي ۽ ڪرنٽ افيئر

يار محمد شاهه ڪامريڊ سليم سنگت کي سمجهائيندي چيو ته “اڄ نائين محرم آهي ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے