22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

آمريڪي امداد روڪجڻ وارو معاملو ۽ پاڪستان جون مشڪلاتون

پاڪستان ۽ آمريڪا جي لاڳاپن ۾ اڃان ڪا بهتري نه آئي آهي، لاڳاپن ۾ ڇڪتاڻ جي نئين دور جي شروعات تحريڪ انصاف جي اڳواڻ عمران خان جي وزير اعظم ٿيڻ بعد آمريڪا جي ڊفينس سيڪريٽريءَ پاران کيس فون ڪري مبارڪون ڏيڻ دوران، “ ويڙهاڪن ۽ سندن خلاف ڪاررواين ڪرڻ” بابت مبينه ڳالهه ٻولهه ڪرڻ يا نه ڪرڻ واري معاملي تي ٿي آهي، جنهن بعد آمريڪا ايترو ته سنجيده  ٿي ويو آهي جو پاڪستان بابت آمريڪي پاليسي ساز ادارن جي پاڪستان بابت رويي ۾ بنيادي تبديليون نظر اچي رهيون آهن. پاڪستان بابت پاليسيءَ ۾ تبديلءَ جو هڪڙو اشارو آمريڪا پاران پاڪستان جي 30- ڪروڙ آمريڪي ڊالرن جي امداد روڪڻ آهي، جيڪا آمريڪا موجب پاڪستان ۾ لڪل ويڙهاڪن خلاف پاڪستان پاران ڪارروايون نه ڪرڻ جي موٽ ۾ روڪي وئي آهي، جڏهن ته آمريڪي بچاءَ واري اداري پينٽاگون جي هڪ آفيسر  رينڊل شير ايئو چيو آهي ته ٽرمپ انتطاميا عمران خان کي هندستان سان لاڳاپا بهتر بڻائڻ جو موقعو ڏيڻ چاهي ٿي، جڏهن ته پاڪستان جي مالي امداد ۾ ڪٽوتي جو آمريڪي رويو برقرار رهندو، هن چيو ته پاڪستان لاءِ آمريڪا جي پاليسي ۾ ڪابه تبديلي نه ايندي.

آمريڪا پاران پاڪستان جي 30- ڪروڙ آمريڪي ڊالرن جي امداد روڪڻ وارو معاملي جو پس منظر بقول آمريڪي اختياريون ته پاڪستان ويڙهاڪن خلاف ڪارروايون نه پيو ڪري تنهنڪري پاڪستان جي امداد روڪي وئي آهي، آمريڪي سرڪار پاران پاڪستان جي اهڙي نموني امداد روڪڻ کان اڳ افغان جنگ سميت سموري خطي ۾ دهشتگرديءَ خلاف پاڪستان جي ادا ڪيل ڪردرا کي هڪ نظر ضرور ڏسڻ گهرجي ها، افغانستان جي جنگ ۾ جيڪڏهن آمريڪا کي جاني يا مالي نقصان پهتو آهي ته، ضرور پهتو هوندو پر ان جنگ ۾ ۽ افغانستان کان ٻاهر پاڪستان جي حدن اندر ٿيل دهشت گرد ڪاررواين ۾ 70 هزار جي لڳ ڀڳ معصوم شهري اجل جو شڪار ٿيا آهن، جنهن ڪري لکين خاندان تڪليفن جي ور چڙهيل آهن، ۽ هن وقت تائين پاڪستان دهشتگرديءَ خلاف هر جنگ ۾ پهرين صف ۾ بيٺل آهي، دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ پاڪستان جيڪو ڪردار ادا ڪيو آهي ان جو معترف ماضيءَ ۾ نه فقط آمريڪا پاڻ رهيو آهي پر ڪيئي بين الاقوامي فورمن تي پاڪستان جي اهڙي ڪردار جي تعريف پڻ ٿيندي رهي آهي.

پاڪستان موجوده وقت ۾ جن بحرانن جو شڪار آهي انهن بحرانن مان سڀ کان وڌيڪ بحران معاشي ۽ مالياتي شعبن ۾ آهي، معيشت ترقي نه پئي ڪري ۽ ملڪ تي قرضن ۽ ان جي مد ۾ وڌندڙ وياج جو بار آهي، جيڪي دراصل تحريڪ انصاف حڪومت لاءِ ٻه وڏا چيلينج آهن، معاشي ۽ مالي بحران ڪري مجموعي طور تي ملڪ جي سموري عوام جي ترقيءَ جو عمل رڪيل آهي، ههڙي نازڪ صورتحال ۾ ملڪ لاءِ 30- ڪروڙ آمريڪي ڊالرن جي مدد جو رڪجڻ ڪا ننڍڙي ڳالهه نه هوندي،

تحريڪ انصاف جو سربراهه عمران کان اڳ ئي چئي چڪو آهي ته پاڪستان، آمريڪا جي ڪابه غلط ڳالهه نه مڃيندو، سندس بيان ڪافي ڳاليهن جي وضاحت ڪري ٿو، سندس بيان جي پس منظر ۾ آمريڪا جو مالي امداد رڪڻ ۽ پاڪستان متعلق پاليسين ۾ تبديلي نه ڪرڻ وارا بيان ڪنهن حد تائين افسوس ناڪ آهن، پاڪستان بابت اختيار ڪيل آمريڪي پاليسيءَ مان اهو تاثر اڀري رهيو آهي ته آمريڪا اڃان به پاڪستان تي “ ڊو مور” وارو دٻاءُ جاري رکيون پيو اچي ۽ امداد روڪي ان دٻاءَ کي وڌيڪ سگهارو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. آمريڪا جي پاڪستان بابت اختيار ڪيل اهڙي پاليسي اها ڳالهه به واضع ڪري رهي آهي ته آمريڪا پاڪستان جي قربانين جو ڪو ڏقدر نه پيو ڪري، کيس رڳو پنهنجا مفاد پيارا آهن.

اسان اهڙي نازڪ صورتحال ۾ تحريڪ انصاف جي حڪومت کي انتهائي ثابت قدم رهڻ ۽ هر فيصلو ملڪي مفاد ۾ ڪرڻ جي گذارش ڪنداسين، مالي مشڪلاتون پنهنجي جاءِ تي پر انهن جي حل عيوض جيڪڏهن ڪنهن وڏي ۽ دور رس نقصان جو انديشو هجي ته ان کان پاسو ڪري اها تڪليف ڪنهن ٻئي نموني ۽ ذريعي سان حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪجي، اسان ان سلسلي ۾ آمريڪي اختيارين کي پڻ گذارش ڪنداسين ته هو پنهنجي رويي جو جائزو وٺن ۽ اها غلط فهمي دور ڪن ته ڪو پاپڪستان دگشت گردن خلاف ڪارروايون نه پيو ڪري، پاڪستان جي گذريل پندرنهن سالن جي تاريخ فقط ۽ فقط دهشت گردن ۽ ويڙهاڪن خلاف جنگ جي تاريخ رهي آهي، جنهن ۾ پاڪستان بي انتها نقصان برداشت ڪيو آهي ۽ هاڻي جڏهن پاڪستان پنهنجن سمورن بحرانن ۽ مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ اڳتي وڌي رهيو آهي ته ان جو رستو روڪڻ نه گهرجي ۽ آمريڪا کي هر اها مدد ضرور ڪرڻ گهرجي جيڪا پاڪستان کي خوشحال، مضبوط ۽ مستحڪم ڪري سگهي، جو خوشحال ۽ مستحڪم پاڪستان نه فقط پاڪستاني عوام لاءِ ضروري آهي پر خوشحال ۽ مستحڪم پاڪستان آمريڪا جي مفاد ۽ فائدي ۾ پڻ آهي، اسين اميد ڪنداسين ته آمريڪا پاڪستان بابت پنهنجي رويي، سوچ ۽ پاليسي ۾ پاڪستان بابت ڪيئي مثبت تبديليون آڻيندو ته جيئن پاڪستان ترقيءَ جي شاهراهه تي قدم رکي سگهي.

اسان هن ڳنڀير صورتحال ۾ تحريڪ انصاف جي حڪومت کي پڻ گذارش ڪنداسين ته علائقي ۾ امن جي قيام لاءِ هر اهو قدم کڻي جيڪو بين الاقوامي دنيا کي اها خاطري ڪرائي سگهي ته پاڪستان جي دهشتگردن ۽ ويڙهاڪن خلاف جنگ اڃا جاري آهي، جنهنڪري پاڪستان هر سهڪار ۽ امداد جو مستحق آهي.

سومر، 3 سيپٽمبر 2018ع، 22 ذوالحج 1439 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌ حڪومت جي بجيٽ ۽ مالي بحران جون شڪايتون

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه مالي سال 19/2018 جي 9 مهينن لاءِ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے