25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

ادرڪ جي چانهه پيو ۽ وات جي بوءِ کان ڇوٽڪارو حاصل ڪريو

He's better than youبرلن(ويب ڊيسڪ) هڪ تحقيق موجب ادرڪ ۽ ان سان ٺهيل چانهه جي بيشمار فائدن مان هڪ اهم فائدو سامهون آيو آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ساهه ۽ وات جي بوءِ ختم ڪرڻ ۾ انتهائي لاجواب آهي.ادرڪ ۾ ملندڙ هڪ ڪيميڪل جنجرول آهي جيڪو ادرڪ کي ترش جو ذائقو ڏيندو آهي، اهو ڪيميڪل وات ۾ وڃي هڪ خاص اينزائم کي ختم ڪندو آهي جيڪو ساهه ۽ وات جي بوءِ ٺاهيندو آهي، ماهرن موجب سلفر جي مرڪب ماڻهن جي وات ۾ بوءِ پيدا ڪندا آهن جنهن کي طبي ٻولي ۾ هيلي ٽوسس چوندا آهن.پر ادرڪ کائڻ يا ان کي پيئڻ سان جنجرول جسم جي اندر وڃي صرف ڪجهه سيڪنڊن ۾ اهڙن اينزائم کي وڌائيندو آهي جيڪي بوءِ جو سبب بڻجندا آهن ۽ اهو عمل 16 ڀيرا فائيمند هوندو آهي.ماهرن چيو آهي ته تمام جلد ادرڪ وارا مائوٿ واش ۽ ٽوٿ پيسٽ ٺاهڻ جي شروعات ٿي سگهي ٿي.اها تحقيق ٽيڪنيڪل يونيورسٽي آف ميونخ ۾ ٿي آهي جنهن جو خلاصو اهو آهي ته ادرڪ کائيندي ئي ڪجهه سيڪنڊن ۾ انساني ٿڪ جي اندر سلفا هائيڊرل اڪسيڊيز ون نالي خامري جي مقدار ۾ هڪ دم 16 سيڪڙو واڌ ٿي ويندي آهي، ان تحقيق کي ماهرن ڪيترن ئي رضاڪارن تي به آزمايو.ماهرن نوٽ ڪيو ته ادرڪ يا ان جي چانهه پيئڻ کانپوءِ تمام جلد ئي وات ۾ بوءِ پيدا ڪندڙ سلفر مرڪبات ختم ٿيڻ لڳندا آهن ڇو ته سلفاهائيڊل آڪسيڊيز ون اينزائم ان کي تمام تيزي سان ختم ڪرڻ لڳندو آهي، ادرڪ استعمال ڪندڙ سمورن رضاڪار ان عمل کانپوءِ چيو ته ان جي وات جي بوءِ گهڻي حد تائين ختم ٿي وئي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

شراب پيئڻ سبب هر سال 30 لک ماڻهو مرڻ جو انڪشاف

جنيوا (ويب ڊيسڪ) صحت جي عالمي اداري چيو آهي ته سڄي دنيا ۾ هر سال …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے