24 سومر , سيپٽمبر 2018

سارا افتخار مِس انگلينڊ فائنل مقابلي ۾ حجاب پائيندڙ پهرين مسلمان عورت

sara Iftikhar is the first Muslim woman in the Miss England final contestلنڊن(شوبز نيوز) مس انگلينڊ مقابلي جي فائنل رائونڊ ۾ 20 ورهين جي سارا افتخار حجاب پائيندڙ پهرين مسلمان عورت بڻجي ويندي. پرڏيهي خابرو اداري موجب ان کان اڳ به ڪجهه عورتن حجاب پائي مقابلي ۾ شرڪت ڪري چڪيون آهن ، پر سارا پهرين عورت آهي جيڪا مس انگلينڊ جي فائنل ۾ حجاب پائيندي مس انگلينڊ مقابلي جو فائنل سڀاڻي(4سپٽمبر) تي ناٽنگم شائر جي ڪيلهم هال ۾ منعقد ٿيندو. ان مقابلي جي فاتح چين ۾ ٿيندڙ مس ورلڊ 2018 مقابلي ۾ حصو وٺندي. سارا افتخار قانون جي شاگردياڻي آهي، جيڪا ان کان اڳ مس هڊرسن فيلڊ ۽ يارڪ شائر مس پاپوليريٽي رائونڊ کٽي چڪي آهي. هلندڙ سال جولائي ۾ سارا انسٽاگرام تي پنهنجي هڪ سيلفي پوسٽ ڪندي لکيو هو ته مان بيان نٿي ڪري سگهان مس انگلينڊ 2018 جي فائنلسٽ طور پنهنجو نالو ٻڌي تمام سٺو لڳي رهيو آهي. سندس چوڻ آهي ته ، وزن، نسل ۽ رنگ جي تميز کانسواءِ هر ڪوئي پنهنجي مخصوص انداز ۾ خوبصورت آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ٺگس آف هندوستان ۾ عامر خان فرنگي ملاح جي روپ ۾ نظر ايندو

ممبئي ( شوبز نيوز ) بالي ووڊ جي وڏي فلم” ٺگس آف هندوستان“ جو سڀني …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے