19 اربع , سيپٽمبر 2018

نيوز: نوابشاهه: ٿاڻي اندر  مبينا آپگهات ڪندڙ پوليس اهلڪار  کي انصاف ڏيارڻ لاءِ احتجاج

Nawabshah: Protest for the inspector who allegedly did suicide*نوابشاهه ۾ بروهي برادري جي ماڻهن  مبينا آپگهات ڪندڙ پوليس اهلڪار  کي انصاف ڏيارڻ لاءِ احتجاج ڪيو ويو.

بروهي برادري جي ماڻهن مبينه آپگهات ڪندڙ  ذوالفقار علي بروهي کي انصاف ڏيارڻ لاءِ فوتي سپاهي جي والد علي بخش بروهي ، حافظ عبدالحميد، قادر بخش بروهي  ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احٽجاج ڪيو ويو.

ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي هنن چيو تھ سندن پوليس اهلڪار  ذوالفقار علي بروهي ٿاڻي اندر گولي لڳڻ سبب فوت ٿي ويو هو.

 هنن چيو تھ اها آپگهات نھ پر قتل  هو  جنهن جي جاچ ڪرائي وڃي.

مظاهرين اختيارين کان مطالبو ڪيو تھ  ايماندار جانچ آفيسر کي مقرر ڪري معاملي جي جاچ ڪرائي انصاف ڪيو وڃي………..

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | ڪراچي: سنڌ خلاف ٿيندڙ سازش کي گڏيل جدوجهد ذريعي ناڪام ڪبو: رياض چانڊيو

سنڌ درياهه تي ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت ۽ پرڏيهين کي سنڌ جو شھري بڻائڻ واري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے