21 جمعو , سيپٽمبر 2018

نيوز: ڳڙهي ياسين:گڏهه گاڏي ۽ ڊاٽسن ۾ ٽڪر ، هڪ ڄڻو فوت،  4 ڄڻا زخمي

Garhi Yaseen: Road accident, 4 people severely injured*ڳڙهي ياسين  ويجهو گڏهه گاڏي ۽ ڊاٽسن ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ۽ 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.

مونگر واهه وٽ ٻن گڏهه گاڏن ۽ ڊاٽسن ۾  ٽڪر جي نتيجي ۾  25 ورهين جو نوجوان عبدالعزيز اوڍو ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويو.

حادثي ۾ فوتي جو ڀاءُ  سلمان ، بابر ۽ ڊاٽسن ڊرائيور سميت 4 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا  آهن جڏهن ته 2 گڏهه به مري ويا.

اطلاع تي پوليس ۽ مقامي ماڻهن   زخمين کي کڻائي لاڙڪاڻي اسپتال پهچايو ، جتي سندن طبيعت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.

هوڏانهن فوتي جو مڙهه گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو وارثن کي بيهوشي جا دورا پوندا رهيا.

واقعي واري هنڌ موجود ماڻهن رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو تھ  ڳڙهي ياسين کان لاڙڪاڻي طرف ويندڙ  تيز رفتار ڊاٽسن جيئن ئي مونگر واهه وٽ ٽائر نڪرڻ سبب حادثو پيش آيو………….

هي به ڏسي سگهو ٿا

FlagMarch, Jamshoro

نيوز | ڄامشورو: محرام الحرام ۾ امن امان جي صورتحال برقرار رکڻ لاءِ فليگ مارچ

ڄامشوري ۾ محرام الحرام ۾ امن امان جي صورتحال برقرار رکڻ لاءِ فليگ مارچ ڪيو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے