22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

نيوز: ڪنڌڪوٽ: سڱاوتي تڪرار  تان استاد تي حملو، اسپتال داخل

Kandhkot: Attack on teacher, transfer to hospital*ڪنڌڪوٽ ۾ سڱاوتي تڪرار  تان  چنا برادري جي ماڻهن اسڪول ويندڙ استاد تي حملو ڪري کيس مرڻينگ ڪري ڇڏيو.

 بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ۾ سڱاوتي تڪرار تان چنا برادري جي ماڻهن استاد علي نواز چني کي اسڪول ويندي ڪهاڙين جا وار ڪري سخت زخمي ڪري  ڇڏيو.

زخمي استاد کي  ڳڻتي جوڳي حالت ۾  ڪنڌڪوٽ سول اسپتال پهچايو ويو جتي کيس طبي امداد فراهم ڪئي وئي.

ان موقعي تي زخمي استاد ميڊيا کي ٻڌايو تھ  هو اسڪول وڃي رهيو هو تھ   موٽرسائيڪل سوار 3 جوابدارن  مٿس ڪهاڙين سان حملو ڪري زخمي ڪيو.

 هن الزام هڻندي چيو تھ   سندس برادري جي ماڻهن  اڪبر، صدام، عابد چني  سڱاوتي تڪرار  تان مٿس حملو ڪري زخمي ڪيو آهي.

هن سنڌ سرڪار  کان مطالبو ڪيو تھ معاملي جو نوٽِس وٺي ملوث جوابدارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري کيس انصادف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي….

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | چمبڙ: عاشوري جي موقعي تي ماتمي جلوس ڪڍيو ويو

چمبڙ ۾  عاشوري جي موقعي تي مرڪزي ماتمي جلوس ڪڍي ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے