19 اربع , سيپٽمبر 2018

نيوز: ڀٽ شاھ:  پرائمري اسڪول گذريل 15 سالن کان بند،  ٻارڙا ٿعليم جهڙي زيور کان محروم

Bhit Shah: Primary school has been closed from 15 years*ڀٽ شاھ  ويجهو پرائمري اسڪول گذريل 15 سالن کان بند هجڻ ڪري ڳوٺ جا سوين ٻارڙا تعليم جهڙي زيور کان محروم بڻيل آهن.

 پرائمري اسڪول مرزو خان شاهاڻي گذريل 15 سالن کان بند هئڻ ڳوٺ جا ٻارڙا تعليم پرائڻ بجاءِ راند روند ۾ مشغول آهن.

ان موقعي تي ڳوٺائڻ ٻڌايو ته اسڪول 15 سالن کان بند پيو آھي جنهن لاءِ  تعليم کاتي جي آفيسرن ، ضلعي انتظاميا ۽ تڪ جي چونڊيل نمائندن وٽ ڪيترائي ڀيرا درخواستون ڪيون آهن پر ڪوبھ کڙ تيل ناهي نڪتو.

هنن چيو تھ  تعليم کاتي جي رڪارڊ ۾ سندن  اسڪول هلندڙ ڏيکاريل آھي جتي استاد مشتاق ميمڻ مقرر هو جنهن کي رٽائر ٿيندي 5کان 7 مهينا ٿي ويا آهن.

ڳوٺاڻن  تعليم جي صوبائي وزير سيد سردار علي شاهه کان مطالبو ڪيو تھ اسڪول کولرائي استاد مقرر ڪري ٻارڙن جو مستقبل اونداهو ٿيڻ کان بچايو وڃي…………….

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | ڪراچي: سنڌ خلاف ٿيندڙ سازش کي گڏيل جدوجهد ذريعي ناڪام ڪبو: رياض چانڊيو

سنڌ درياهه تي ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت ۽ پرڏيهين کي سنڌ جو شھري بڻائڻ واري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے