25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

نيوز: خيرپور:  نبي بخش مهر، شهباز ڦلپوٽي ڪوڙا الزام هنيا آهن: انجنيئر مير ظفرالله

Khairpur: Nabi bux Mehar is accusing me, I have done nothing wrong: Engineer Mir Zafar Allah*خيرپور  اريگيشن اسڪارپ جي انجنيئر مير ظفرالله چيو آهي تھ ڊائريڪٽر جي حڪم تي هو آچر ڏينهن آفيس کولي ويٺاسين  پر شڪايت ڪندڙ نھ پهتا.

انجيئر مير ظفر الله ٽالپر پنهنجي بيان ۾ چيو آهي تھ ڊرائريڪٽر پلاننگ ۽ اريگيشن سنڌ غلام ياسين قريشي جي حڪم تحت آچر ڏينهن هو  آفيس کولي ويٺا ، جنهن  ۾ يونين جا اڳواڻ اعجاز لنجواڻي، جاويد حسين منگي، محبوب مصطفي سميت ٻيا صبح کان شام تائين ويٺا رهيا.

هن چيو تھ شڪايت ڪندڙ نبي بخش مهر، شهباز ڦلپوٽو  آفيس نھ آيا  جڏهن ته رابطو ڪرڻ تي نبي بخش مهر  چيو تھ هو نھ ٿو اچي سگهي.

انجنيئر چيو تھ  نبي بخش مهر ۽ شهباز ڦلپوٽو ڪوڙا آهن  کين  بنا جواز تنگ ڪري بليڪ ميل ڪري رهيا آهن.

هن چيو تھ  هو حق سچ تي آهن ڪنهن جي بھ بليڪ ميل ۾ نھ ايندا، اداري ۾ ڪابھ ڪرپشن ناهي ٿي ، ملازمن کي وردي الائونس سميت سڀ سهولتون فراهم ڪيون وڃن ٿيون.

هي به ڏسي سگهو ٿا

LiaqatAli, Khairpur

نيوز | خيرپور: ضلعي ۾ اسڪولن ۾ ٻارن جي حاضري وڌائڻ لاءِ مهم هلايون پيا: لياقت علي

 خيرپور ضلعي پرائمري بابت ايجوڪيشن آفيسر  لياقت علي خاصخيلي چيو ته  هو خيرپور ۾ ٻارن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے