19 اربع , سيپٽمبر 2018

ٻين جي غلطين جي سزا ڪاٽي رهيو آهيان: سلمان بٽ

Misleading the others' mistakes: Salman Buttڪراچي(اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان سلمان بٽ چيو آهي ته پي ايس ايل ۾ فڪسنگ ڪرڻ وارن سان منهنجو ڪو به تعلق ناهي ته  پوءِ ٻين جي غلطين سزا مان ڇو ڪاٽي رهيو آهيان. نيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳوڻي ڪپتان سلمان بٽ چيو ته مان پنهنجي غلطي جي سزا ڪاٽي چڪو آهيان ۽ ري هيب پروگرام به مڪمل ڪري چڪو آهيان، سزا پوري ڪرڻ باوجود پاڪستان ٽيم ۾ شامل نه پيو ڪيو وڃي. سلمان بٽ چيو ته ٻن ورهين کان قومي ٽي20 ٽورنامنٽ جو ٻيو بهترين اسڪورر آهيان، ڪاڪردگي ڏيکارڻ باوجود پي ايس ايل جو حصو نه پيو بڻايو وڃي، چيف سليڪٽر پاڪستان اي ۾ شامل ڪرڻ جو چيو ته پر سليڪشن ڪميٽي لاڳيتو نظر انداز ڪري رهي آهي، پي ايس ايل ۾ فڪسنگ ڪرڻ وارن سان منهنجو ڪو به تعلق ناهي ته پوءِ ٻين جي غلطين جي سزا مان ڇو ڪاٽي رهيو آهيان.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Asia Cup: India Today the competition will be held with Hong Kong

ايشيا ڪپ: اڄ ڀارت جو هانگ ڪانگ سان مقابلو ٿيندو

دبئي ( اسپورٽس نيوز )  چوڏهين ايشيا ڪپ ڪرڪيٽ ٽورنامنٽ ۾ اڄ ڀارت جو هانگ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے