24 سومر , سيپٽمبر 2018

نيوز |جهڏو: پسند پرڻو ڪندڙ مڙس پاران زال جي آزادي لاءِ احتجاج

Jhudoجهڏي ۾ پسند پرڻو ڪندڙ مڙس پاران زال جي آزادي لاءِ احتجاج ڪيو ويو.

ميڊيا سينٽر ۾ ڳوٺ گهنور خان چانڊيو واسي شاهه بيگ چانڊئي دانهيو ته هن ياسمين چانڊيو سان 8 مهينا اڳ پسند پرڻو ڪيو هو، ناري جي مائٽن کيس تشدد جو نشانو بڻائي 8 آگسٽ تي سندس گهرواري کي اغوا ڪري ويا آهن.

هنن چيو ته سندن برادري ۾ فيصلو به ٿيو، پر ناري جي مائٽن هڪ به نه مڃي، خدشو آهي ته سندس زال کي مائٽ قتل ڪري ڇڏيندا.

سندس چوڻ هو ته هاءِ ڪورٽ ۾ اغوا بابت پٽيشن به داخل آهي، پر ان باوجود سندس گهرواري بازياب ناهي ٿي سگهي.

هن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته  سندس زال کي آزاد ڪرائي تحفظ ڏين.

هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي ايس ايس پي عمرڪوٽ ٻڌايو ته معاملو عدالت ۾ هلندڙ آهي، ناري کي بازياب ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Khairpur: Strict security management have been made for Mehram ul Haram

نيوز: خيرپور : محرم الحرم دوران سڪيورٽي جا بهترين انتظام ڪياويا: ايس ايس پي خيرپور عمر طفيل

*ايس ايس پي خيرپور عمر طفيل چيو آهي ته محرم الحرم دوران سڪيورٽي جا بهترين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے