22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

نيوز |کوسڪي: پوليس جي ڪارروائي، 2جوابدار گرفتار منشيات هٿ

khoskiiiکوسڪي ڀرسان پوليس ڇاپو هڻي ٻه جوابدار گرفتاري ڪري 4 سئو کان وڌيڪ سفينا گٽڪي جون پڙيون هٿ ڪري ورتيون آهن.

ڳوٺ خميسو لاکاٽيو ۾ ايس ايڇ او امام دين ڏهاڻي جي اڳواڻي ۾ پوليس ڇاپو هڻي بلال ۽ آصف ملاح کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان 4 سئو 15 سفينا گٽڪي جو پڙيون هٿ ڪيون.

گرفتار جوابدارن تي  ڪيس پڻ داخل ڪيو ويو.

عوامي آواز ٽي وي سان ڳالهائيندي ايس ايڇ او امام الدين جو چوڻ هو ته شادي لارج ۾ منشيات فروشن خلاف ڪارروايون جاري آهن، منشيات هٿ اچڻ تي هن وقت تائين 23 ڪيس داخل ڪيا ويا آهن.

هن چيو ته جوابدار خلاف ڪارريوان تيز ڪيون ويون آهن، کين معاف نه ڪيو ويندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | چمبڙ: عاشوري جي موقعي تي ماتمي جلوس ڪڍيو ويو

چمبڙ ۾  عاشوري جي موقعي تي مرڪزي ماتمي جلوس ڪڍي ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے