25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

نيوز |رسول بخش پليجو پ پ جي ڪرپشن ۽ ڪالاباغ ڊيم خلاف هو: اياز لطيف پليجو

AyazLatifPalijo,  Hyderabad, قومي عوامي تحريڪ جي صدر اياز لطيف پليجي چيو آهي ته رسول بخش پليجو پ پ ۽ زرداري جي ڪرپشن، ڪالاباغ ڊيم، سنڌ جي پاڻي ۽ ناڻي جي چوري خلاف ڳالهائيندو هو، پر پ پ وارن رسول بخش پليجو کي ٻيو ڪري پيش ڪيو آهي.

حيدرآباد ۾ سنڌياڻي تحريڪ ۽ سنڌي گرلس اسٽوڊنٽس تحريڪ پاران رسول بخش پليجو جو ڏهاڙو ۽ سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي ڪنوينشن ۾ خطاب ڪندي اياز لطيف پليجو چيو ته رسول بخش پليجي جو فڪر ميدان ۾ وڙهڻ ۽ ظلم سان مهاڏو اٽڪائڻ آهي.

هن چيو ته سنڌ جي وحدت تي حملو برداشت نه ڪبو، سنڌ ۾ بنيادي حق گهرجن، هاڻي سنڌ جي اجتماعي شعور جو آپريشن ڪرڻ جي ضرورت آهي.

سندس چوڻ هو ته هي سنڌ ۽ پاڪستان اسان جو آهي، اسان کي پاڪستان ۾ برابري جا حق کپن، اسان کي وسيلن جي مالڪي کپي، ڪالاباغ ڊيم کي اسان رد ڪيون ٿا.

تقريب کي خطاب ڪندي اڳوڻي نگران وفاقي وزير عبدالله حسين هارون چيو ته رسول بخش پليجو اصول پرست سياستدان هو، اڄ سنڌ ۾ اهڙا اصول پرست سياستدان نظر نٿا اچن.

ان موقعي تي تقريب ۾سنڌياڻي تحريڪ ۽ سنڌي گرلس اسٽوڊنٽس تحريڪ جا عهديدار پڻ چونڊيا ويا.

تقريب ۾  رسول بخش پليجو کي سمورن ماڻهن اٿي بيهي ڀيٽا پيش ڪئي، جڏهن ته سنڌياڻي تحريڪ جي صدر زينت سمون، جسٽس غلام رباني، ديبا سحر ۽ دستگير ڀٽي سميت ٻين پڻ خطاب ڪيو ۽ ٻين گيت پڻ پيش ڪيا ويا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Daharki

نيوز | ڏھرڪي: موٽر وي پوليس پاران نيشنل هاءِ وي ۽ باءِ پاسز تي وڻ پوکيا ويا

ڏھرڪي ۾ موٽر وي پوليس پاران نيشنل هاءِ وي ۽ باءِ پاسز تي ڇهه سئو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے