25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

ايشيا ڪپ: افغان اسڪواڊ ۾ 4 اسپنر شامل

ڪابل (ويب ڊيسڪ) افغانستان ڪرڪيٽ بورڊ جي سليڪشن ڪميشن ايشيا ڪپ لاءِ ٽيم جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ۾ چئن اسپنرن کي شامل ڪيو ويو آهي. ايشيا ڪپ 15 سيپٽمبر کان دبئي ۾ شروع ٿيندو، جنهن لاءِ ڀارتي ٽيم ٽائيٽل جو بچاءُ ڪندي. دبئي جي ڪنڊيشن کي نظر ۾ رکندي افغانستان پنهنجي 17 رڪني اسڪواڊ ۾ چئن اسپنرن راشد خان، مجيب الرحمان، شرف الدين اشرف ۽ محمد نبي کي شامل ڪيو آهي. ايشيا ڪپ لاءِ اعلانيل افغانستان جي اسڪواڊ ۾ ڪپتان اصغر افغان، محمد شهزاد، جاويد احمدي، رحمت شاهه، سميع الله شنواري، حشمت الله شاهدي، نجيب الله زدران، محمد نبي، گلبدين نائب، راشد خان، مجيب الرحمان، آفتاب عالم، احسان الله جنت، سيد شيرزاد، وفادار، منير احمد ڪاڪڙ ۽ شرف الدين اشرف شامل آهن.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

ايشيا ڪپ: ڀارت هڪ دفعو وري پاڪستان کي هارائي ڇڏيو

دبئي (اسپورٽس نيوز) ايشيا ڪپ جي سرپر فور جي هڪ ميچ ۾ ڀارت پاڪستان کي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے