26 اربع , سيپٽمبر 2018

نيوز |ڪڍڻ: جوابدار نينگر کي بدفعلي جو نشانو بڻائي فرار

Kadhanڪڍڻ ڀرسان وحشي صفت انسانن لالچ ڏئي ڏهه ورهين جي نينگر کي بدفعلي جو نشانو بڻايو آهي.

ڳوٺ مٺو خان چانڊيو ۾ ڪولهي برادري جي نينگر  کي ٻن وحشي صفت انسانن ويرو ۽ الهڏنو ڀيل لالچ ڏئي اڻڄاتل هنڌ وٺي وڃي بدفعلي جو نشانو بڻايو.

متاثر ٻارڙي جي والد ٿاڻي تي شڪايت  داخل ڪرائي نينگر صحت مرڪز ۾ طبي چڪاس ڪرائي.

نينگر جي والد موجب بدفعلي جي شڪايت تر جي چڱن مڙسن کي ڏني، پر سندس ڪنهن به دانهن نه ورنائي.

هن چيو ته هاڻي هو انصاف لاءِ اعليٰ اختيارين، عدليه ۽ ميڊيا وارن کي اپيل ڪري ٿو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Jhol

نيوز | جهول: سوئي سدرن گئس ٽيم پاران مختلف علائقن ۾ ڇاپا، غير قانوني گئس ڪنيڪشن ڪاٽا

جهول ۾ سوئي سدرن گئس ٽيم پاران شهر جي مختلف علائقن ۾ ڇاپا هڻي غير …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے