22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

نيوز |اسلام ڪوٽ: ٿرڪول بلاڪ ٽو ۾ گڏيل طور هزارين ٻوٽا پوکيا ويا

اسلام ڪوٽ ٿرڪول بلاڪ ٽو ۾ سوين ماڻهن پاران گڏيل طور هزارين ٻوٽا پوکيا ويا.

سنڌ اينگرو مائيننگ ڪمپني، اينگرو پاور جين ۽ ٿر فائونڊيشن سميت مقامي ڳوٺاڻن ۽ شاگردن ٿر ڪول بلاڪ ٽُو ۾ هزارين ٻوٽا پوکيا.

ان موقعي تي پاڪستان آرمي، سي پيڪ فورس جي انچارج ڪرنل انوار چيو ته پاڪ فوج پاران ملڪ ۾ 50 لک ٻوٽا پوکيا پيا وڃن.

سنڌ اينگرو ڪول مائيننگ جي ماحولياتي واري شعبي جي آفيسر فاطمه خان چيو ته سندن ڏهه لک ٻوٽا پوکڻ واري مهم جي پوئيواري ڪندي اڄ وڌيڪ هزارين ٻوٽا پوکيا پيا وڃن.

ڳوٺ جيئندو درس جي حيدردرس چيو ته ٿر ۾ ڏڪار جو سبب وڻن جي گهٽتائي آهي، تنهن ڪري وڌ ۾ وڌ وڻ پوکي ڏڪار ختم ڪري سگهجي ٿو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | چمبڙ: عاشوري جي موقعي تي ماتمي جلوس ڪڍيو ويو

چمبڙ ۾  عاشوري جي موقعي تي مرڪزي ماتمي جلوس ڪڍي ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے