21 جمعو , سيپٽمبر 2018

نيوز | ماتلي: شهرين پاران اسپتال ۾ علاج جون سهولتون نه ملڻ خلاف بک هڙتال

Matliماتلي ۾ شهري ايڪشن ڪميٽي پاران تعلقي اسپتال ۾ علاج جون سهولتون نه ملڻ خلاف علامتي بک هڙتال ڪئي وئي.

تعلقي اسپتال جي مک دروازي آڏو علي رضا، مختيار ۽ اسلم سميت شهري ايڪشن ڪميٽي جي ٻين اڳواڻن علاج جون بهتر سهولتون نه ملڻ ۽ مريضن سان اڍنگي رويي خلاف علامتي بک هڙتال ڪئي.

عوامي آواز ٽي وي سان ڳالهائيندي اڳواڻن چيو ته اسپتال مسئلن جو ڳڙهه بڻجي وئي آهي، ڊاڪٽر ڊيوٽي ڪرڻ بدران خانگي اسپتالن کي گهڻو وقت ڏين ٿا.

هنن چيو ته ايمرجنسي وارڊ ۾ ايندڙ مريضن جو  وقت تي علاج ڪرڻ بدران کين يڪدم حيدرآباد جي اسپتال ريفر ڪيو وڃي ٿو، جنهن سبب مريض رستي ۾ ئي دم ڏين ٿا.

سندن چوڻ هو ته مريضن کي مفت دوائون به نٿيون ملن، ڪيترائي ڊاڪٽر مريضن کي خانگي اسٽورن تان مهانگيون دوائون وٺڻ لاءِ لکي ڏين ٿا، ۽ اسپتال الٽرا سائونڊ سميت ٻيون سهولتون ناهن، جنهن ڪري مريض سخت پريشاني کي منهن ڏين ٿا.

اڳواڻن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته اسپتال جا سمورا مسئلا حل ڪن، نه ته هو احتجاجي تحريڪ جي ٻئي مرحلي جو اعلان ڪندا.

هوڏانهن پ پ ايم پي اي تنزيلا قمبراڻي بک هڙتال تي ويٺل ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن سان فون تي رابطو ڪري مسئلن جي حل جو يقين ڏياريو.

ٻي پاسي اسپتال انتظاميه پاران ڊاڪٽر گلاب ڪشميري بک هڙتالي ڪئمپ تي پهتو، جتي ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن سان ڳالهين بعد سڀاڻي اسپتال جي ايم ايس آفيس ۾ ڳالهيون ڪري مسئلا لکت ۾ پيش ڪيا ويندا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

FlagMarch, Jamshoro

نيوز | ڄامشورو: محرام الحرام ۾ امن امان جي صورتحال برقرار رکڻ لاءِ فليگ مارچ

ڄامشوري ۾ محرام الحرام ۾ امن امان جي صورتحال برقرار رکڻ لاءِ فليگ مارچ ڪيو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے